سيد خورشيد شاهه ۽ سندس پٽ ڪيس ڪيا ويا، ثبوت ناهن مليا: اويس قادر شاهه

سکر(رپورٽر)پيپلز پيرا ميڊيڪل ايسوسيئشن جي صوبائي اڳواڻ سول اسپتال سکر ۽ سماجي شخصيت مرحوم الطاف کوسو جي حادثاتي موت تي ٽرانسپورٽ کاتي سنڌ  جي  وزير سيد اويس قادر شاھ مرحوم جي گھر پھچي سندن پوئينرن عبدالقيوم کوسو، خانگي ٽي وي سکر جي ڪئمرامين  اشفاق کوسو، ابرھيم کوسو ،شمس کوسو ۽ عرض محمد کوسو جن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي صوبائي وزير ڳالھائيندي چيو ته سيد خورشيد شاھ سندس پٽ فرخ شاھ سميت گھر ڀاتين مٿان ڪيس ڪيا ويا آھن، پر ھن وقت تائين  ڪي به ثبوت ناھين مليا اسان کي عدالتن تي اعتماد آھي، جن مان انصاف ملڻ جي اميد آھي،سيد خورشيد شاھ سکر جي عوام جي خدمت ڪئي آھي جنھن جي ڪري اسان کي الله پاڪ مان اميد آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.