پي ٽي وي تي 3 ڏهاڪن بعد سنڌي ڊرامو نشر ٿيندو

ڪراچي (رپورٽر) گذريل ٽن ڏھاڪن بعد پي ٽي وي تي ڪنهن سنڌي رائيٽر جو لکيل اردو ڊراما سيريل پيش ٿيندو .   90 واري ڏھاڪي ۾ عبدالقادر جوڻيجي جو لکيل ڊرامي بعد هاڻ 13 سيپٽمبر کان نثار ٻانڀڻ جو لکيل ڊراما سيريل "دو گھونٽ زندگي” پي ٽي وي تي آن ايئر ٿيندوـ  ڊرامو ٿر جي پسمنظر ۾ لکيل  آهي. ڊرامي جون ھدايتون ۽ پيشڪش پي ٽي وي جي سينيئر پروڊيوسر محمد حسين خانزادي جي آهي. پاڪستان ٽيليويزن ھوم ڪراچي سينٽر تان نئي ڊراما سيريل دو گھونٽ زندگي  کي ھن ٽيماھيءَ ۾ نشر ڪيو پيو وڃي ـ ڊرامي ۾ اسد قريشي، اسماعيل چانڊيو، منظور مراد، رسول بخش ڏاھري، آفتاب عالم، تانيا خان، شعيب ابڙو، مصطفيٰ عباسي، تانيا چنہ، حسن خان، عارفہ مير، عمير ڀٽو، عباس گل،  شرافت علي شاھ، عائيشہ صنم خان، مظفر بلوچ، فھيم مغل، ساديہ چنہ، عاليہ چنہ، شمع منگي، شھناز ڀٽي، انعم مصطفيٰ، طارق ڪوريجو، خادم حسين ڀٽي، حاجي مٺل ميرجت ۽ ٻيا ھن ڊراما سيريل ۾ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي ڏٺا ويندا.  ايسوسيئيٽ ڊائريڪٽر منور حسين چنا ھن ڊراما سيريل ۾ پنھنجي فني صلاحيتن کي ڏيکاريو آھي. ھن ڊراما سيريل ۾  ٿر جي مختلف طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻھن جي ننڍين ننڍين ڪھاڻين کي ڏيکاريو ويو آھي، اتي جي مسئلن کي اتان جي مروج نظام تحت ڪيئن حل ڪيو ويندو آھي ۽ اُتي جي عام ماڻھن جا ڪھڙا مسئلا آھن، ھو ڪيئن اتان جي با اثر ماڻھن جي ڪوڙڪين ۾ جڪڙيل آھن ۽ ڪيئن مروج روايتن مان کين آجو ڪرايو ٿو وڃي، اھو سڀ ھن ڊرامي ۾ ڏيکاريو ويو آھي. ڊرا سيريل دو گھونٽ زندگي 13 سيپٽمبر 2021 کان ھر سومر تي شام جو 7 لڳي 55 منٽن تي پي ٽي وي ھوم تان نشر ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.