نئين ڪوٽ ۾هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم جا ڇاپا

نئون ڪوٽ (رپورٽ : زاھد مغل) نئون ڪوٽ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ٽيم ميڊيڪل ايڪسپرٽ ڊاڪٽر محمد عمر ڪاڪا اينٽي ڪيوڪري مير خادم حسين ٽالپر اڄ نئون ڪوٽ جي عطائي ڊاڪٽرن  خلاف ڪاروائي ڪندي ليز تي سرٽيفڪٽ  وٺي ڪلينڪ ھلائيندڙ ڊاڪٽر ياسمين قائم خاني جميل احمد قريشي  کي وارننگ ليٽر ڏنو ڊاڪٽر ياسمين کي پابند بڻايو سرٽيفڪٽ  رکندڙ ڊاڪٽرياڻي کي اسپتال ۾ ويھاريو اگر ٻيھر سرٽيفڪٽ  يافتـ  CMW اسٽاف جي غير موجودگي ۾ ڪاروائي ڪئي ويندي جڏهن تـ عطائي ڊاڪٽر نرسنگ مالھي ڊاڪٽر ماوجي ڪڇي ڪالي خان جسڪاڻي آتم ميگھواڙ  ڪستورو ميگھواڙ ليکراج ڀيل ٽيم جو ٻڌي اسپتالون بند ڪري فرار ٿي ويا .ان سلسلي ۾ اھو بـ معلوم ٿيو آهي تـ ڄاڻايل عطائي ڊاڪٽرن  کان ڀتو وصول ڪندڙ سفيد پوش ۽ پوليس اڳواٽ اطلاع  ڪري ھٿ وٺي فرار ڪرائي ڇڏيو ڪيترائي عطائي ڊاڪٽر ٿيلھا کڻي موٽرسائيڪل تي چڙھي موبائيل عطائي ڊاڪٽر بڻجي انساني جانين سان کيڏي رھيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.