ليلا جي آتڻ تي ماڻهن جي اچڻ تي پابندي، عدالت پاران نوٽيس

اڪري چودڳي (ن ع آ)  سول جج فيضگنج محترم نظام علي اڄڻ اڄڻ اڪري پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي ليٽر ذريعي حڪم نامو جاري ڪندي هدايت ڪئي آهي تہ ڊپٽي ڊائريڪٽر آرڪيالاجي غلام حسن بڙدي هاء ڪورٽ سکر ۾ پٽيشن نمبر 442 ۾ ڄاڻايو هو تہ تاريخي ماڳ جي زمين کي آباد ڪرڻ لاء ڪيس ۾ نامزد پرائيويٽ ماڻهو ڪوشش ڪري رهيا آهن جنهن ڪري اتي فساد جو خطرو آهي ۽ڪيس ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي جيسيتائين ڪورٽ جو فيصلو اچي ان وقت تائين تاريخي ماڳ جي هنڌ ڪيس سان لاڳاپيل پرائيويٽ ماڻھن جي ماڳ تي اچڻ تي پابندي لاڳوآهي سول جج فيضگنج پاران جاري ڪيل حڪم نامي ۾ اهو بہ  ڄاڻايو آھي تہ پرائيويٽ پارٽي ۽ آرڪيالاجي کاتي وچم ۾ ماڳ بابت تڪرار هلندڙ آھي ۽ ماڳ جي حوالي سان داخل ڪيس عزت ماب هاء ڪورٽ ۾ چيلينج ٿيل آھي جيستائين ان جو فيصلو نہ ٿو ٿي ڪو بہ پرائيويٽ ماڻھون ماڳ جو وزٽ نٿو ڪري سگهي صرف آرڪيالاجي کاتي جا ملازم ئي ماڳ تي وڃي سگهن ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.