ڪراچي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن جو پوليس خلاف احتجاج

گلشن اقبال (ن ع آ) پوليس اهلڪارن جي ڌمڪين ۽ ظلمن خلاف ايس ٽي پي اڳواڻن قادر گبول،رمضان گبول ،نواز گبول جي اڳواڻي ڇٽا گبول ڳوٺ ۾ هٿن ۾ بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ۽ پوليس اهلڪارن خلاف شديد نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي قادر گبول، رمضان گبول الزام هڻندي چيو ته سب انسپيڪٽر مجيد لغاري ۽ نورالدين شراب پي اسان جي محلي ۾ رهواسين کي موتمار ڌمڪيون ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جا داٻا ڏئي رهيا آهن ۽ هو ڳوٺاڻن کي چون ٿا اسين پوليس وارا آهيون توهان کي نه ڇڏينداسين ۽ هاف فرائي ڪنداسين ان ڪري اسين آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي اوڀر زون ۽ ايس ايس پي اوڀر کي اپيل آهي ته ڌمڪيون ڏيندڙن اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري تحفظ ۽ انصاف ڏنو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.