اوٻاوڙو ۾ بدامني، ننڊ ستل عورت جا ڪن ڪپي والا چوري، احتجاج

اوٻاوڙو (  رپورٽ:  بشير احمد ملڪ ) اوٻاوڙو شھر  ۾گذريل رات دير سان نيو ريتي ۾ الھوڌايوڪوري جي گھر مان چورن ننڊ ستل عورت جا ڪن ڪپي سونا والا لاهي ۽ موبائيل فون چوري ڪري فرار ٿي ويا، جنھن تي نيو ريتي جي رهواسين، ايس ايڇ او هٽايو ريتي بچايو، جا نعرا هڻي ايس ايڇ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو،ان سلسلي ۾ الھوڌايو ڪوري ۽ ٻين ميڊيا اڳيان داهيندي چيو ته جڏهن کان ايس ايڇ او برڪت ڀٽي ريتي ٿاڻي تي مقرر ٿيو آهي ته بد امني جي باھ ڀڙڪي پئي آھي ان ڏينهن کان وٺي شھرين جون ننڊو حرام ٿي چڪيون آهن هر روز چوريون، ڦرون روز جو معمول بڻجي ويون آھن ھنن ٻڌايو ته لڳ ايس ايڇ او برڪت ڀٽي جي ھوندي لڳ ڀڳ درجن  موٽر سائيڪل چوري ٿي ويون آھن علائقي ۾ جھيڙا وڌي ويا آھن اغوا ۽ قتل جھڙا واقيا ٿي چڪا آھن ان ايس ايڇ او جي ھوندي شھري پنهنجي گهرن اندر  غير محفوظ آھن ريتي جي  شهرين  آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي سکر ، توڙي ٻين اعلي عملدارن کان ايس ايڇ او ريتي برڪت ڀٽي کي فوري هٽائڻ جو مطالبو ڪندي تحفظ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.