منهڙو ويجهو بدامني، ٻن ڏينهن اندر 3 چوريون، پوليس خاموش

منهڙو (ن ع آ) منھڙو ڀرسان تعلقي مورو جي ٿاڻي قمرآباد جي حد مان امن جو پکي اڏامي ويو ٻن ڏينهن اندر ٽي چوريون ڳوٺ صحبت خان چانڊيو مان نامعلوم چور اڄ ڏينھن ڏٺي جو ڳوٺ جي ٻاھران زمين تي بيٺل پورھيت شوڪت ڏاھريء جي موٽرسائيڪل نامعلوم چور ڪاھي فرار ٿي ويا جڏهن ته گذريل ڏينهن به سونھري فارم جي مسجد جون بيٽريون ۽ مقصود ڪورائي جي دوڪان مان سولر پليٽون نامعلوم چور کڻي فرار ٿي ويا ھئا جڏهن ته قمرآباد ٿاڻي جي حد مان چوريون روز جو معمول بڻيل آهن مگر قمرآباد پوليس اگھور ننڊ ستل.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.