سکر ۾ نصير شاخ جي آبادگارن جو پاڻي کوٽ خلاف احتجاج

سکر ( رپورٽر ) چيف انجنيئر گڊو بئراج جي آفيس ٻاهران پاڻي جي کوٽ خلاف  ٺل تعلقي جي نصير شاخ جي آبادگارن پاران حاجي لياقت بنگلاڻي، گل حسن ۽ سراج الدين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته اسان جون زرعي زمينون پاڻي نه هجڻ ڪري بنجر بڻجي ويون آهن، هنن چيو ته زمينن ۾ پوکيل فصل کي پاڻي نه ملڻ سبب فصلون به سُڪي سڙي تباهه ٿي ويون آهن، جنهن ڪري اسان جو لکين روپين جو نقصان ٿيو آهي، هنن الزام هڻندي چيو ته داروغو فيض محمد نندواڻي بااثر ماڻهن کي پاڻي پيسن عيوض وڪرو ڪري ٿو ۽ اسان پڇڙي جا آبادگار پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آهيون، آبادگارن  چيو ته اڄ سکر پهچي پاڻي جي کوٽ خلاف چيف انجنيئر گڊو بيراج جي آفيس آڏو احتجاج ڪيو آهي ته جيئن ايريگيشن جا آفيسر نوٽيس وٺي پيس عيوض پاڻي وڪرو ڪندڙ داروغي خلاف ڪاروائي ڪري اسان پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي فرهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.