لاڙڪاڻي ۾ پسند پرڻو ڪندڙ گم، قتل جو شڪ، مڙس جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ حاجي ساجن پنهور جي رهواسي رڪشا ڊرائيور نوجوان عبدالوحيد پنهور صحافين آڏو دانهيو ته مون 2 اپريل تي ڳوٺ محمود پنهور واسي ناري افسانه پنهور سان پسند جو پرڻو ڪيو هو شادي بعد آءُ پنهنجي گهر واري افسانه کي اسلام آباد وٺي رڪشو هلائي پيٽ گذر ڪندو هيس جتي اڍائي مهينا اڳ ڳوٺ جي بااثرن غلام علي ابڙو، تاج محمد، ماستر شاهنواز، نظير پنهور ۽ ٻين مون کي پنهنجي گهر واري سان ڪوڙ ڳالهائي ڌوڪي سان لاڙڪاڻي گهرائڻ بعد ڪار ۾ کڻي رستم ٿاڻي جي حد فيضو بنگلو ۾ کڻي هڪ جڳهه ۾ قيد ڪري مون کي بدترين تشدد جو نشانو بڻائي نشي جي انجيڪشن هڻي بيهوش ڪرڻ بعد گهر واري افسانه کي اغوا ڪري گم ڪري ڇڏيو، هوش اچڻ تي مون ڳوٺ سميت مختلف علائقن ۾ گهر واري جي ڳولا ڪئي پر ان جي باوجود سندس جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو بعد ۾ بااثرن غلام علي ابڙو، تاج محمد، ماستر شاهنواز، نظير پنهور ۽ ٻين پوليس وٽ اعتراف ڪيو آهي ته انهن منهنجي گهر واري افسانه کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيو آهي هاءِ ڪورٽ ۾ اهڙي پٽيشن داخل ڪرائي،ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي شڪارپور بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.