ماٿيلي ۾مبينا زيادتي جو شڪار عورت جو احتجاج

ميرپورماٿيلو ( ت ر  ) کنڀڙا جي رھواسڻ زرينا بيبي بوھڙ ۽ سندس مڙس فدا حسين بوھڙ گذريل ڏينھن ميرپورماٿيلو پريس ڪلب پھچي بينا زيادتي ڪندڙ جوابدار ۽ سندس ساٿين ۽ ڪشمور پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو ڪندي عورت زرينا بوھڙ دانھيندي چيو ته گڊو ڪالوني ۾ مڙس جي ڀائيٽي ۽ واپڊا ٿرمل پاور جي ملازم مظفر علي بوھڙ واش روم ۾ قيد ڪري زبردستي زيادتي جو نشانو بڻائيندو رھيو، جڏھن ته اھڙي دانھن کڻي وڃڻ بعد ايس ايڇ او گڊو جيڪو ھاڻ ڪشمور ٿاڻي جو ايس ايڇ او لڳل آھي، منظور لغاري ميڊيڪل لاءِ  ليٽر ڏيڻ ۽ ڪيس داخل ڪرڻ بجاءِ  جوابدار کان رشوت وٺي سندس ڌر بڻجي حراسان ڪري ٿاڻي مان ڪڍي ڇڏيو، مسلسل ميڊيا تي اچڻ بعد جوابدار مظفر بوھڙ ۽ ان جي مامن تاج بوھڙ، فياض بوھڙ ۽ نياز بوھڙ الٽو سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي، مٿس ڪوڙيون پٽيشنون ۽ فريادون ڪري گرفتار ۽ حراسان ڪرڻ معمول بڻيل آھي، ھنن وسوارن کان ڄاڻايل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري مٿس ڪارروائي ڪري کانئن تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.