مانجهند ڀرسان زمين جي تڪرار تان ڏنڊا لڳڻ سبب پيرسن زخمي

مانجهند (ن ع آ) مانجهند ڀرسان ڳوٺ ابڙا ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙي ۾ پيرسن محرم ابڙو ڏنڊا لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي وارث مانجهند ٿاڻي تان ليٽر وٺي تعلقه اسپتال مانجهند منتقل ڪيو جتي علاج جي سهولت نه هئڻ سبب سول اسپتال حيدرآباد ريفر ڪيو ويو پوليس موجب جوابدارن جي گرفتاري لاء ٽيم ڳوٺ ڏانهن رواني ڪري ڇڏي آھي.

غوثپور ۾نوجوان جو قتل ڪيس 7 جوابدارن خلاف داخل

غوثپور (ن ع آ) چار ڏينھن اڳ اوڳاھي برادري جي ٻن ڌرين منظور ۽ محمد حسن اوڳاھي وارن ۾ ھلندڙ پراڻي تڪرار تان ٿيل جھيڙي ۾ ھٿياربندن جي فائيرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان سردار عرف نثار اوڳاھي جي قتل جو ڪيس سندس ڀاء منور علي جي فرياد تي غوثپور ٿاڻي تي اوڳاھي برادري جي ستن جوابدارن سميت نون ڄڻن خلاف قلم 302.114.148 تحت داخل ڪرايو ويو آھي۔ فريادي ڄاڻايو آھي ته منظور اوڳاھي وارن سان چوپائي مال جي ڦر تان تڪرار ھلندڙ ھيو جنھن لا۽ مختلف وقتن تي ڌمڪيون ڏيندا ھئا ته ڪيسن تان ھٿ کڻو نه ته خراب نتيجو نڪرندو ۽ ائين اسان جي نوجوان کي حملو ڪري قتل ڪيو اٿن۔ فريادي جي داخل ڪرايل ايف آ۽ آر ۾ ڄاڻايل آھي ته جوابدار عبدالرزاق۔ عبدالواحد۔ اختيار۔ منظور۔ ميھار ۽ عبدالخالق وارن گڏجي حملو ڪري ڪلاشنڪوف جو برسٽ ھڻي منھنجي ڀاء کي ماري خون ڪري ڇڏيو۔ ٻئي پاسي حد جي پوليس چئن ڏينھن ۾ واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪابه ڪاروائي نه ڪري سگھي آھي۔ پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدار خالي ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا آھن سندن خلاف ڪاروائي ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.