ڦلجي پوليس جي ڪارروائي، نوجوان جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار

ڦلجي اسٽيشن (ن ع آ)   ڦلجي اسٽيشن  2 هفتا اڳ قتل ٿي ويل نوجوان عابد پهنور جي قتل ۾ گهربل ممتاز پهنور ۽ اياز پنھور کي ڦلجي پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو خفيه اطلاع ملڻ تي ڦلجي پوليس جي ايس ايڇ او بهرام پنهور پهنجي پوليس عملي سان ڳوٺ ليسوڙا پهنور ۾ جوابدارن جي گهرن تي ڇاپو هڻي قتل جي ڪيس ۾ گهربل ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو ياد رهي ته 2 هفتا اڳ مقتول نوجوان 18 سالا نوجوان عابد پهنور کي پنهنجي گهر اندر جوابدار وسيم پهنور پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو هيو جنهن جي قتل جو ڪيس 5 جوابدارن مٿان ڦلجي پوليس ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو جنهن مان 2 جوابدارن ممتاز ۽ اياز کي ڦلجي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته قتل جو مک جوابدار وسيم پهنور هن وقت تائين گرفتار نه ٿي سگهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.