ڪشمور ۾ 3 ڏينهن اڳ سڙي زخمي ٿيل نينگر فوت

ڪشمور(ڊر) ڪشمور سوئي گيس محلا ۾ 3 ڏينهن اڳ باھ ۾ سڙي زخمي ٿيل 10 سالن جو نينگر اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڪشمور ۾ 3 ڏينهن اڳ سوئي گيس پاڙي ۾ 10 سالن جو نينگر سراج ٿھيم پنهنجي گهر ۾ خيرات جي پروگرام دوران چانورن جي ديڳ پچائڻ لاءِ کوٽيل کڏي جي باھ ۾ ڪري زخمي ٿيو ھو جنهن دوران نينگر جو 80 سيڪڙو جسم سڙي چڪو هو، سڙي زخمي ٿيل نينگر جو خانگي اسپتال ۾ علاج ھلندڙ ھو جيڪو گذريل رات زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو نينگر جو مڙهه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو آهي

مانجهند لڳ ٽرڪ ۽ پوليس موبائل ۾ ٽڪر، 5 اهلڪار زخمي

مانجهند ن (ن ع آ) کاڻوٺ ڀرسان ڳوٺ  دائيداڻا موڙ  انڊس ھاء وي تي اسڪاڊ سان ڄامشورو طرف ويندڙ  ڀان سيد آباد پوليس موبائيل ۽ ڄامشورو کان  سيوهڻ طرف ويندڙ ٽرڪ ۾َ آمهون سامهون  ٽڪر جي نتيجي ۾َ ڀان پوليس جا اهلڪار هيڊ ڪانسٽيبل  خدابخش لنڊ  ڪانسٽيبل اعجاز احمد  صاحب خان سومر سميت پنج پوليس اھلڪار زخمي ٿي پيا جڏهن ت ايس ايڇ او ڀان مظھر نائچ معجزانه طور محفوظ رهيو ،زخمين اهلڪارن کي لمس اسپتال ڄامشورو منتقل ڪيو ويو آهي کاڻوٺ پوليس ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏھن ت ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

ڊگهڙي تعلقي اسپتال جي ڊرائيور تي حملو، جوابدار فرار

ڊگھڙي(ن ع آ )تعلقي اسپتال ڊگھڙي جي ليڊي ڊاڪٽرياڻي جي ڊرائيور ٽنڊوجان محمد جي رهواسي گلجي ولد هرداس ميگهواڙ کي نامعلوم نوجوان تعلقي اسپتال اندر لٺين جا وار ڪري زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو زخمي ڊرائيور گلجي جو چوڻ هو ته آئون اسپتال ۾ ويٺو هئس بلاجواز منهنجي مٿان لٺين سان حملو ڪري زخمي ڪيو ويو،پوليس زخمي ڊرائيور کي ميڊيڪل ليٽر جاري ڪري ڇڏيو واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.