نينگر آزاد ڪرايو، لاڙڪاڻي ۾ ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ خان محمد ڪلهوڙو مان 20 ڏينهن مبينا اغوا ٿي ويل نوجوان سعيد احمد عباسي جي بازيابيءَ لاءِ سندس وارثن سنڌ سگهڙ ڀلائي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن سان گڏجي شهر جي جناح باغ چوڪ روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ،نوجوان جي چاچي محمد صالح عباسي ڌرڻي ۾ شريڪ سرفراز ڪلهوڙو، بلاول تونيو ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته منهنجي نوجوان ڀائيٽي سعيد احمد عباسي کي 20 ڏينهن 10 هين محرم الحرام جي ڏينهن بااثر علي رضا عرف رزاق عباسي، گدا حسين مڪول ۽ ٻين گهران سڏ ڪري گاجي ديرو ۾ مجلس ٻڌڻ لاءِ وٺي ويا هئا جيڪو اڄ ڏينهن تائين گهر نه موٽيو. ڀائيٽي کي علي رضا عرف رزاق عباسي، گدا حسين مڪول ۽ ٻين اغوا ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي ايس ايڇ او لياقت کجڙ ڪيس داخل نه ڪيو ان کان بعد اسان جڏهن احتجاج ڪيو ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو نوٽيس وٺندي گذريل 6 سيپٽمبر تي ڌرين کي طلب ڪري ڳالهيون ٻڌي پر ڀائيٽي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا، چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو اغوا ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪن . هوڏانهن حد جي ٿاڻي جي پوليس جي خاطري بعد وارثن ڌرڻو ختم ڪري ڳوٺ روانا ٿي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.