اوٻاوڙو لڳ والدين کان ناراض ٿي نوجوان آپگهات ڪري ڇڏيو

اوٻاوڙو ( رپورٽ : عبدالحئي ڄڄڻ ) اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ لڪپور ۾ خرچي نه ملڻ  تان والدين کان ناراض ٿي ڪري نوجوان محمد حيات ولد گل محمد چاچڙ وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي خود ڪشي ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، علائقي واسين نوجوان جو وڻ ۾ ٽنگيل ڏسي وارثن کي اطلاع ڏنو جتي وارث ۽ ڳوٺاڻا واقعي واري ھنڌ پھچي نوجوان جو لاش کڻائي گھر پھچايو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ان موقعي تي فوتي جي والد ٻڌيو ته ھو شھر وڃڻ لاءِ خرچ نه ملڻ تي گهر وارن کان ناراض ٿي گھر کان ڪجهھ فاصلي تي فصل ۾ ٻيٺل وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي خودڪشي ڪري زندگي جو آنت آڻي ڇڏيو  گھر وارن جو وڌيڪ چوڻ آھي ته رسو کڻي ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون کڻڻ لاءِ ٻڌائي ويو ھو جنھن جو لاش وڻ ۾ ٽنگيل مليو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.