ظفر چانڊيو اڃان تائين قيد، فريد آباد ۾ احتجاج جاري

فريدآباد ( ن ع آ )فريدآباد واسي ظفر چانڊيو کي کنڀجندي 16 مهينا گذري ويا  پر ھيئنر تائين آزاد نه ٿي سگهيو سندس جي آزاديءَ لاءِ وارثن 260 ڏينهن به علامتي بک ھڙتال جاري رکي ـ  ظفر چانڊيو جي آزادي لاء وارثن ڀاء ذاڪر چانڊيو، علي چانڊيو منصور،زاهد چانڊيو ۽ ٻين  علامتي  بُک هڙتال جاري رکندي چيو ته ظفر چانڊيو کي بيگناھ 16 مهينن کان کنڀي گم ڪيو ويو آهي ظفر چانڊيو جو ڪنهن به پابندي مڙهيل تنظيم سان ڪوبه واسطو نه آهي اسين وارث ظفر چانڊيو جي آزاديءَ لاءِ ڪيتري ئي عرصي کان سراپا احتجاج بڻيل آهيون پر اسانجي احتجاج جو ڪوبه نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار نه آهي هنن چيو ته نه ظفر کي ظاهر ڪيو ويو آهي نه ئي آزاد ڪيو وڃي ٿو خبر نه آهي ته ظفر چانڊيو ڪٿي ۽ ڪهڙي حالت ۾ آهي هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف سنڌ، انساني حقن جي تنظيمن جي اڳواڻن کان مطالبو ڪيو ته بيگناھ کنڀي گم ڪيل ظفر چانڊيو کي آزاد ڪري اسان وارثن مان بيچيني ختم ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ظفر چانڊيو جي آزاديءَ تائين پر امن جدوجهد جاري رهندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.