مانجهند ۾ڳوٺ تي قبضي ۽ فائرنگ خلاف رهواسين جو احتجاج، ڌرڻو

مانهجند (ن ع آ) لاکڙا ڪول فيلڊ جي ڳوٺ ڍيرڻ خان کوسو جي رهواسين جو زمين تي قبضي ۽ فائرنگ ٿيڻ خلاف معصوم ٻارڙن سميت نٽھڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي انصاف جو مطالبو ڪيو ڳوٺاڻن ڍيرڻ خان کوسو فريد کوسو شھڪ کوسو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت پوليس کان هٿيار ڦر ڪيس ۾َ  روپوش ڏوهاري  رانجهو کوسو ويهي کوسو سان گڏ  لشڪران حيسب رمضان ۽ ٻين ديه ڊاڀڙي جي سروي نمبر زمين تي هلان ڪري ڪم ڪار بند ڪرائي سندن گهرن مٿان 24 ڪلاڪن تائين جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي پر اطلاع باوجود پوليس نه پهتي جنهن سبب ڳوٺ ۾ خوف حراس ڦھليل آھي هنن وڌيڪ چيو ت زمين تي قبضي سبب سندن زمين مان نڪرندڙ ڪوئلي جي روزگار ۽ معاوضي تي هٿياربندن قبضو ڪري ڪمپني کان ڀتو وصول ڪري رهيا آھن جوابدارن سندن رستا روڪ ڪندي لنگه بند ڪري ڇڏيا آھن جنهن سبب روزگار چوپائي مال جي چاري لاء سخت مشڪلاتون پيش اچن ٿيون  هنن آء جي سنڌ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ت فائرنگ ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڪول مائينز علي پريو ٻڌايو ت متاثر ڌر ٿاڻي تي اچي ت ڪيس داخل ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.