ميڊيا اٿارٽي ۽ اظهار جي آزادي

تحريڪ انصاف جي حڪومت به پاڪستان جي گذريل حڪومتن وانگر صحافين لاءِ آمراڻو رويو رکي ٿي، اهو ئي سبب آهي جو هن حڪومت به گذريل حڪومتن جي نقش قدم تي هلندي ميڊيا کي پنهنجو تابع ڪرڻ لاءِ ”پاڪستان ميڊيا ڊويلپمينٽ اٿارٽيءِ“ نالي هڪ اداري جو قيام عمل ۾ آندو آهي، جنهن جي سربراهي اطلاعات وارو وفاقي وزير فواد چوڌري ڪري رهيو آهي ، ”پاڪستان ميڊيا ڊويلپمينٽ اٿارٽيءِ“ جي تازين  سرگرمين متعلق جيڪي خبرون سامهون آيون آهن، انهن موجب، ” پاڪستان ميڊيا ڊويلپمينٽ اٿارٽي“ پاران قومي مفادن، فوج، حڪمرانن ۽ عدليه ۾ هلندڙ ڪيسن متعلق خبرون هلڻ متعلق سخت منع نامو جاري ڪيو آهي، جڏهن ته ويب ٽي وي، ويب سائٽس لاءِ به اٿارٽيءَ ڪو لائيسنس يا اجازت نامو جاري ڪندي. پڌري ٿيل مسودي موجب چينل اهڙو ڪو پروگرام هلائي نه سگهندا، جيڪو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ هوندو، تعصب يا ڪنهن تي الزامن جي تشهير تي پڻ بندش هوندي. اختياري سمورن اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل ميڊيا لاءِ لائسنس ڏيڻ لاءِ خاص حق رکندي. اختياري اخبارن جي سرڪيوليشن جي درجي بندي ۽ ٻين معاملن جي پڙتال پڻ ڪندي رهندي. اٿارٽي صدر جي طرفان مقرر ڪيل چيئرمين ۽ ٻارنهن ميمبرن تي ٻڌل هوندي. پي ڊي ايم اي اٿارٽي جو چئيرمين انفارميشن گروپ جي21 يا 22 هين  گريڊ جي آفيسرن تي ٻڌل هوندي.  11 ميمبرن مان ڇهه مشهور شهري ميمبر هوندا، جيڪي سڀني صوبن جي نمائندگي ڪندا. ميڊيا سيڪٽر ۾ ڪنهن جي به هڪ هٽي ۽ غير ضروري مرڪزيت ختم ڪرڻ به اٿارٽيءَ جي ذميواري هوندي. جڏهن ته ميڊيا جي مختلف کاتن تي نظر رکڻ لاءِ ڊائريڪٽوريٽ آف اٿارٽيون به جڙنديون، جيڪي رجسٽريشن، سرڪيوليشن، سالياني فيس ۽ ٻين معاملن جي آڊٽ ڪنديون، اهي اٿارٽيون ڪجهه شهرن ۾ به جوڙيون هونديون. پي ڊي ايم اي جي دائري ۾ اليڪٽرانڪ، پرنٽ، ويب چينل، ڊجيٽل ميڊيا، ويب سائيٽون، آن لائن اشاعتي ادارا به ڏنا ويا آهن، جن کي اٿارٽي هدايتون جاري ڪندي.

” پاڪستان ميڊيا ڊويلپمينٽ اٿارٽي“ جي جوڙجڪ ۽ ان جي بيان ڪيل ڪمن مان جيڪا ڳالهه فوري طور تي سامهون اچي رهي آهي، اها آهي، هر طريقي سان ” اظهار جي آزاديءَ“ جي هر ذريعي کي مختلف ذريعن سان محدود، پابند ۽ ضابطي هيٺ آڻي ختم ڪرڻ، اٿارٽيءَ متعلق جاري ڪجهه تفصيلن ۾ ان ڳالهه جو  هڪڙي سٽ ۾ به ذڪر نه آهي ته معاشري جي اظهار جي آزاديءَ کي مقدم بڻائڻ لاءِ هي…، هي قدم کنيا ويندا“.

” اظهار جي آزادي“ فقط ٽن لفظن تي ٻڌل جملو آهي، جيڪو گرامر جي حوالي سان هڪ نامڪمل جملو آهي، پر عام رواجي پس منظر ۾ جڏهن ان جملي جو اظهار يا استعمال ٿيندو آهي ته ان ننڍڙي جملي جي معنى ۽ مفهوم ايترو ته سگهارو ٿي پوندو آهي جيڪو رياست جي تمام وڏين طاقتن کي لوڏي رکڻ جي سگهه ۽ صلاحيت رکي ٿو. پاڪستان جي تاريخ ۾ ” اظهار جي آزادي“ وارو اهو جملو تقريبن هر حڪمران جو دشمن رهيو آهي پوءِ ڀل اهو حڪمران غير جمهوري قوتن جي صفن مان اڳتي وڌي حڪمران ٿيو هُجي يا وري عوامي چونڊن ذريعي وڃي اقتدار جي مسند تي ويٺو هُجي، پاڪستان ۾ ميڊيا کي ضابطي ۾ آڻڻ لاءِ جنرل ايوب جي دور کان وٺي اٿارٽين، ايڪٽن ۽ ريگيوليٽريز باڊيز جي جڙڻ ۽ انهن کي لاڳو ڪري صحافين، اخبارن ۽ هاڻي ٽي وي چينلز کي ضابطي ۾ رکي حڪمرانن جي مرضي ۽ منشا مطابق استعمال ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون رهيون آهن ۽ ناڪام ٿينديون رهيون آهن، اهو ئي سبب آهي جو ملڪ ۾ صحافت جي تحفظ، اظهار جي آزادي، عوام جي اظهار جي حق جي حفاظت لاءِ سموري ملڪ جي صحافين پاران ڪيتريون تحريڪون هلنديون رهيون آهن ۽ ڪامياب ٿينديون رهيون رهيون آهن، حڪمرانن پاران ميڊيا کي پنهنجي ضابطي ۾ رکڻ ۽ اظهار جي علمبردارن پاران عوام جي اظهار جي آزاديءَ جي حق جي تحفظ لاءِ جنگ جاري رهندي پئي آهي آهي، جيڪا اڄ تائين جاري آهي.

اسان اصولي طور تي ان ڳالهه جا مخالف نه آهيون ته نه صرف تحريڪ انصاف جي حڪومت پر هر چونڊيل حڪومت پنهنجي حڪومت جو وهنوار هلائڻ لاءِ پاليسين جوڙن جي معاملي ۾ آزاد آهي، پر ان ڏس ۾ هڪڙي ڳالهه کي ڌيان ۾ رکڻ انتهائي ضروري آهي ته، ”حڪومت جي پاليسين ۽ رياست جي پاليسين ۾ فرق کي سمجهيو وڃي“ ۽ ان کانپوءِ ئي ڪنهن به حڪومت کي ڪنهن به کاتي متعلق پاليسي جوڙڻ جو حق آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ ميڊيا جي حوالي سان هميشه ۽ هر حڪمران اها ڳالهه ئي ڳالهه سمجهندو آهي ته ”ميڊيا سندس خلاف آهي“، جڏهن ته حقيقت ان جي ابتڙ هوندي آهي، حڪمرانن کي جڏهن انهن جي ڪوتاهين، نااهلين ۽ ڪمين متعلق تنقيد ڪري انهن ڪوتاهين کي درست ڪرڻ جي صلاح ڏني ويندي آهي ته اهي حڪمران جيڪي عوام جي حق ۾ ڪجهه ڪري نه سگهندا آهن، انهن کي اهڙي تنقيد تمام گهڻي ناگوار لڳندي آهي، حڪمرانن جو اهڙو مائينڊ سيٽ انهن جي غير جمهوري سوچ جو مظهر هوندو آهي، جڏهن ته دنيا جي سڌريل ۽ ترقي يافته ملڪن جي قيادتن جا ان سلسلي ۾ معيار پاڪستان جي سياسي قيادت جي بلڪل به ابتڙ آهن.

اسان جو خيال آهي ته دنيا جي جنهن به معاشري ۾ جيڪڏهن اظهار جي آزادي کي ختم ڪيو ويندو ته نتيجي ۾ هڪ اهڙو سماج پيدا ٿي ويندو جيڪو شعور، سمجهه ۽ سوچ کان خالي هوندو ۽ نتيجي ۾ اهڙو سماج هڪ انتهائي ڪٽر، شدت پسند ۽ انتها پسند مائينڊ سيٽ وارو ٿي پوندو، جنهن جا نتيجا ڪنهن به طور تي مثبت اچي نه سگهندا.

اسان اهو به چوڻ ۾ حق بجانب آهيون ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت کي پاڪستان جي ميڊيا کي سڌارڻ جو ايترو ئي شوق آهي ته مهرباني ڪري پاڪستان جي صحافتي برادري، صحافتي ادارن، صحافتي تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ جمهوري قوتن سان سهڪار ۾ اچي ڪو گڏيل لائحه عمل جوڙيو وڃي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جي ميڊيا اٿارٽيءُ متعلق ملڪ جي پارلياماني حلقن، سياسي ڌرين ايتري قدر جو تحريڪ انصاف جي اتحادين پڻ پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ تحريڪ انصاف جو يڪ طرفو فيصلو  هڪ آمريتي سوچ ۽ عمل جو مظهر هوندو جنهن جا ملڪ جي سياست، سماجيات ۽ معاشري تي انتهائي ناڪاري اثر پوندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.