جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

تحرير؛يار محمد شاهه

جهوني جوڳيءَ سنگت کي سمجهائيندي چيو ته هاڻي دنيا جي تبديلي ئي اصلي تبديلي آهي، جيڪا اسان جي ملڪ ۾ به آئي آهي ۽ اها تبديلي عمران خان جي اعلان سان به آئي آهي، ته عمران خان جي حڪومت جي تعاون سان به آئي آهي، ان حڪومت جي ۽ ادارن جي ڪارڪردگي کي هن وقت ڇهين سيپٽمبر تي سڄي دنيا جا ڳڻ ڳائي رهي هئي، هر هنڌ ادارن جي ذهانت ۽ قابليت سان گڏوگڏ آمريڪا کي مليل شڪست ۽ دنيا ۾ آمريڪا جي سپر پاور جو لقب هٽائي هاڻ ميڊيا تي پاڪستان لاءِ اهو لفظ استعمال ڪيو پيو وڃي، جيتوڻيڪ اسان کي پنهنجي حيثيت ۽ حالت جي خبر آهي، پر تنهن هوندي به ”رب راضي ته ڪيا ڪري گا قاضي“، سو هن وقت دنيا ۾ انڊيا اهو تاثر ڏيئي رهي آهي ته پاڪستان جي آءِ ايس آءِ جي سربراهه جي افغانستان پهچڻ سان ئي سڄي دنيا ۾ ٿرٿلو مچي ويو، هر ميڊيا تي اهوئي ذڪر هيو ۽ دنيائي صحافت جا وڏا نالا پاڪستان جي ان حڪمت عملي کي وڏي سهڻي انداز سان ساراهي رهيا هئا ۽ اڄ به انڊيا جا اعلا عملدار چون ٿا ته اسان جي ادارن کي پاڪستاني آءِ ايس آءِ کان ٽيوشن وٺڻ گهرجي، اهائي اصل تبديلي ۽ اهائي اصلي فتح آهي، جيڪا الله سائينءَ ان طرف کان پاڪستانين کي نصيب ڪئي آهي، جيڏانهن ڪنهن جو ڌيان به نه هيو، نه انڊيا، نه آمريڪا ۽ ٻين ملڪن کي اهو انديشو به هو ته پاڪستاني ادارن جي حڪمت عملي سپر پاور کي ٻن ڪپڙن ۾ ڀڄڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو، اربين روپين جو اسلحو ڇڏڻ ۽ آمريڪي صدر جو قوم اڳيان روئڻ ۽ غلطين جو اعتراف ڪرڻ وري به طالبان کي اڻ سڌي طرح ٻيهر حملي جون ڌمڪيون ڏيئي پنهنجو وزن وڃائي رهيو آهي، سياست شطرنج جي راند آهي، جنهن ۾ بادشاهه مارائي به مات ڪئي ويندي آهي، ان ڪري سڀ مهرا سلامت رکي، اسان جي اسٽيبلشمينٽ دنيا جي ادارن ۽ هوشيار سياستدانن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، باقي ڪجهه ڏينهن افغان حڪومت قائم ٿيندي، توهان کي اها خبر پئجي ويندي ته ڇا افغان ۽ پاڪستان، ازبڪستان، ايران، چائنا، روس، تاجڪستان ۽ ٻيا نوان ٺهيل ملڪ گڏجي سڏجي افغانستان کي ڪيئن ٿا سنوارين ۽ سينگارين، جنهن ۾ اسلامي نظام سان گڏ بهترين معاشي نظام به قائم ڪيو ويندو.

تڏهن مواليءَ ٽهڪ ڏيندي چيو ته اها عالمي ادارن جي سوچ ۽ سمجهه آهي، ان ۾ عمران خان جو ڪو ڪمال نه آهي، ان ويچاري کي اڃان تائين ملڪ جي تمام ننڍڙن مسئلن ۾ ڦاسائي رکيو ويو آهي، ۽ ڳالهائڻ ۽ تقريرون ڪرڻ لاءِ ساڳيو مواد صبح ۽ شام ٻڌڻو ۽ ڏسڻو پيو پوي، جڏهن ته دنيا وڃي چنڊ سان لڳي آهي، عالمي قوتون پاڪستان جي اصلي قوتن سان جيڪي معاهدا ڪري يا ايندڙ دور لاءِ جيڪي حڪمت عمليون ٺاهي رهيا آهن، ان ۾ پاڪستان جي حيثيت ۽ قد اڳوڻڪي جهڙو نه آهي، بلڪه جيترو آمريڪا هيٺ ڪري آهي، اوترو پاڪستان مٿي چڙهيو آهي، سڀ مسلمان ملڪ هينئر سڌي اڻ سڌي طرح پنهنجا لاڳاپا پاڪستان سان وڌائڻ ۽ خريد و فروخت چائنا ۽ پاڪستان جي ذريعي سي پيڪ مان تيزي سان ترقي ڪرڻ ٿا چاهين، ۽ هاڻي هنن کي رڪاوٽون گهٽ آهن، افغانستان جي آزادي کان پوءِ علائقي جا سمورا قبيلا ۽ انهن جا قانون عالمي استحصالي قوتن جي استحصال کان آزاد ٿي ويا آهن، ها… باقي خدا جي طرفان جيڪي نعمتون افغانستان، پاڪستان جي جابلو علائقن ۾ موجود آهن، جن جو ڪو ڪاٿو نه پيو لڳايو وڃي، ته ڪيترو تيل، گيس، ٽامون، هيرا جواهر ۽ سون، قيمتي ڀٿر، مطلب ته دنيا جو وڏي ۾ وڏو قيمتي سرمايو، جيڪو انهن ايڪيهن سالن ۾ آمريڪا يا يهودين پنهنجي ٽيڪنالاجيءَ ذريعي رڪارڊ ڪيو، پوائنٽ آئوٽ ڪيو ۽ ايندڙ دور ۾ ان کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪو پراجيڪٽ تيار ڪيو آهي، ان ۾ هاڻ پاڪستان جي شموليت کان سواءِ يهودي توڻي آمريڪي توڻي قاديانين کي اهو پلان عمل ۾ آڻڻ لاءِ پاڪستان جي ادارن جو ساٿ ضرور گهرجي، ان کان سواءِ هاڻ انهن جي ڪابه حڪمت عملي جيڪا اسان کي وري فقير ڪري، پنڻ تي مجبور ڪري، اهو وقت گذري ويو، هاڻ اسان کي پنهنجي ادارن تي فخر ڪري هڪ پليٽ فارم تي گڏجي ادارن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، جن جي جامع پروگرام ۾ وطن جي خوشحالي، علمي آزادي ۽ معاشي ترقي تڏهن ٿي سگهندي، جڏهن اسين ان مغربي غلامي مان هميشه جي لاءِ جند ڇڏائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، ان ۾ اڪيلو عمران خان ڪجهه به نه آهي، هي سڀ سياسي ۽ دفاعي قوتن جو ڪمال آهي، جن جي حڪمت عملي اسان کي عالمي آزادي ڏياري رهي آهي

تڏهن ڪامريڊ سليم چڙندي چيو ته هو ته توهان شروع کان چوندا پيا اچو ته عمران خان يهودي ۽ قادياني ٿنڪ ٽينڪ جي سليڪشن آهي، جيڪا ويهه سال اڳي اسان جي عوام کي ڊاڪٽر اسرار احمد ٻڌائي هئي، اهو بيان سوشل ميڊيا تي رکيل آهي، پر ان کان پوءِ مشرف سان گڏ سياست کي سمجهڻ ۽ کيڏڻ ۽ ان کان پوءِ عالمي قوتن جي سڌين هدايتن تي عمل ڪندي عمران خان پنهنجي سياسي بصيرت به بلند ڪئي آهي، ۽ سندس عالمي شهرت به کيس فائدو ڏنو آهي، ان ڪري توهان ڇا به چئو ته به اهو مڃڻو پوندو ته هن وقت اسلامي ملڪن ۾ پاڪستان جي سياست سياسي ۽ دفاعي ادارا پنهنجي صلاحيتن سان ڪر کنيو بيٺا آهن، ۽ سڀ ننڍا اسرندڙ ترقي پذير ملڪ پاڪستان جي ڇانو ۾ اچڻ جي لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن، پر عالمي استحصالي قوتن جون زنجيرون ۽ انهن جو نيٽ ورڪ عربن کي غلاميءَ جي تصور ۾ ۽ اسان کي انهن مسلمان ڀائرن جي اسلامي عقيدي جي ڪري غلامي جي تصور ۾ هميشه هيٺاهين ملي آهي، جنهن ڪري اسان مسلمان باصلاحيتن هوندي به هنن سازشي استحصالي قوتن جي ڄار ۾ ڦاسي پئون ٿا، پر هن وقت عالمي استحصالي سوچون جنگين جي خلاف آهن، تڏهن ته افغانستان ۾ جنگي سامان ڇڏي ڀڳا آهن، ان ڪري عمران خان عالمي سوچ کي سمجهي ڪري جيڪا سياست ڪئي آهي، ان کي دنيا تسليم ڪري رهي آهي، توهان جي تنقيد ڪرڻ سان ڪجهه نه ورندو، بس طالبان حڪومت جي جڙڻ کان پوءِ جيڪا تيزي ايندي ان جي هاءِ گهوڙا هينئر ئي کان هندستان ڪري رهيو آهي.

تڏهن مون چيو ته “ميڊيا جي ڳالهين تي لڳي ڪري پنهنجو ڌرم ايمان ڪونه وڃائبو، وقت ۽ حالتن جو جائزو وٺبو ته سڀ ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي، جيڪا تبديلي وقت ۽ ٽيڪنالاجي جي ذريعي اسان جي نصيب ۾ اچي رهي آهي، اهائي اسان بدنصيبن لاءِ ڪافي آهي، جن جي خلاف جڏهن انگريز اڳ به هندستان مان پنهنجي ناڪام حڪومت کان ڀڄي نڪرڻ مهل هندو مسلم فساد ڪرائي، مسلمانن جي عظيم سلطنت کي ٽوڙي، ٽڪرن ۾ ورهائي، قومن کي مذهبن ۽ فرقن جي جنگ جي اوڙاهن ۾ اڇلائي ڇڏيائون، اها جنگ اڃان جاري آهي، جتي اڃان تائين پيا سڙن، وري مٿان شيعا سني فرقه پرستي جي پراجيڪٽ کي تازو ڪري، سوشل ميڊيا کي اهڙا ڇاڙتا ڏنا ويا آهن جيڪي صبح ۽ شام فرقه پرستي کي تيزي سان هوا ڏيئي رهيا آهن، ۽ ان ميڊيا جي ذريعي بدنيت دشمن يهودي اسان کي نئين غلامي جي زنجير ۾ قابو ڪرڻ ٿو چاهي،

اسان خاص ڪري سنڌي سٻاجها ۽ سمجهه وارا اهو سمجهي ڇڏيون ته سنڌ جي ٿاڻي جي آخري صوبيدار انگريز پنهنجي ڊائري ۾ لکي ڇڏيو هو ته سنڌين جا اسڪول بند هئڻ گهرجن ۽ سنڌين کان تعليم هميشه جي لاءِ ڦري وڃي، ڇو ته علم کان پوءِ هر سنڌي حيدر بخش جتوئي، جي ايم سيد، ذوالفقار علي ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ بشير قريشي بنجيو وڃي، اهو ته صرف چند تعليمي ادارن ۾ ڪجهه جهيڙا ڪرايا ويا ته اهي نوجوان اصل مقصد کان هٽي ذاتي عياشين ۾ لڳي ويا، مٿان وري سوشل ميڊيا جي جيڪا آزادي ملي آهي، ۽ ڏينهن ۾ سوين چينلن تي سوين استاد سنڌ جي هر ٻار ٻچي کي جيڪي صبح کان سمهڻ تائين سبق پڙهائي رهيا آهن، ۽ دنيا جي حقيقت ۽ اصليت ڏيکاري، اخلاق جو ڏيوالو ڪڍي، دنيا کي درندگيءَ جي اوڙاهه ۾ اڇلي اسان جي نسلن کي وهشي بنجڻ جي جهنگ ۾ اڇلايو ويو آهي، هاڻي اسان کي ان سوشل ميڊيا مان ئي ٻارن کي لکين روپيا ڪمائڻ سيکارڻو آهي، علم ۽ هنر گهر ويٺي سيکارڻو آهي، نياڻين کي ديني تعليم ۽ پٽڙن کي هنري تعليم ان ميڊيا جي ذريعي گهر ويٺي ئي ڏيئي، انسان ۽ انسان دشمن يهودي کان ائين ئي بدلو وٺي سگهجي ٿو، جن اسٽيشن ڊائري ۾ لکي ڇڏيو آهي ته سنڌين کي علم کان پري رکجو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.