ٿاڻا ڪلچر جو خاتمو وقت جي ضروت

تحرير؛غلام حسين جوڻو

اسان وٽ، ٿاڻا اذيت گهر بڻيل آهن. جن ۾ انسانذات جي تذليل جا واقعا روزانا ٿيندا رهن ٿا ۽ انهن واقعن ۾ تيزي ايندي رهي ٿي. اهڙيون خبرون ، اخبارن ۾ به ڇپجي رهيون آهن ۽ ٽيليويزن تي به ٻڌندا ۽ ڏسندا رهون ٿا. ٿاڻي جي عملي جي خلاف عوام جي طرفان احتجاج به ٿي رهيا آهن. جن جي باري ۾ سوشل ميڊيا جي ذريعي به معلومات ملي رهي آهي. دراصل ٿاڻا ڏوهاري ماڻهن جي لاءِ هوندا آهن. پوليس ڏوهارين کي قابو ڪري ، اچي ٿاڻن تي هٿيڪو ڪندي آهي ۽ ڏوهارين کان پڇا ڳاڇا ڪري پوءِ  ضروري قدم کڻندي آهي. جڏهن ته دنيا جا ٿاڻا اذيت گهر نه پر اصلاح گهر آهن. پر، اسان وٽ قصو ئي  ابتو نظر اچي ٿو. ٿاڻن جي حالت ڏسجي ٿي ته ، هانو ئي ڏڪيو وڃي ٿو. جنهن تي افسوس ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪري نه ٿو سگهجي. انساني تذليل جي حوالي سان سنڌ جا ٿاڻا ، گهڻي بدنامي ماڻي چڪا آهن.

سنڌ ۾ ، پوليس جو جيڪو ڪردار رهيو آهي. سو ، ڪنهن کان به ڳجهو ۽ لڪل ڪونه آهي. پوليس کاتو ملڪ ۾ امن و امان جو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ قانون تي عمل ڪرائڻ به ان کاتي جو ڪم آهي. پر، هاڻ امن و امان ته پيدا ڪونه ٿي سگهيو آهي ۽ نه وري قانون جي بالادستي به ٿي سگهي آهي. چادر ۽ چوديواري جو تقدس برقرار به ڏسڻ ۾ ڪونه ٿو اچي.

پوليس نانگ مان نوڙي ۽ وڙي مان نانگ ڪرڻ ۾ مهارت رکي ٿي. ڪنهن معزز شهري کي ذليل ڪرڻ ۾ ، پوليس جو اهم ڪردار آهي. بهرحال پوليس جون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن. جيڪي قاعدن ۽ قانونن جي لتاڙ آهن. انهن تي ڪيترائي دفعا ، اڳ ۾ لکيو ويو آهي. پر، ياد رهي ته جڏهن وڏيرڪو سياسي ڪلچر وجود ۾ آيو تڏهن سنڌ جي هر ، وڏيري سياست سان گڏ ، پوليس کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ ڪوششون ورتيون آهن. پوليس سان لهه وچڙ جي اچڻ  ڪري ۽ انهن سان لاڳاپا رکڻ سان وڏيري جو مٿو ڦري ويو. هن ، پاڻ کي اتم ۽ اعليٰ سمجهڻ شروع ڪيو. غريب عوام سان نفرت ڪرڻ لڳو. ايتري قدر جو غريب کي هٿ ڏيڻ لاءِ به تيار ڪونه آهي. اهڙي صورتحال ۾ ٿاڻا ڪلچر جو آغاز ٿيو. جيڪو هاڻ وڌي وڻ ٿي ويو آهي. هاڻ وڏيرن جي سياست پوليس ۽ ٿاڻي جي سواءِ هلي نه ٿي سگهي.

آئون تفصيل ۾ لکڻ کان اڳ ۾ ، اهو واضح ڪندو هلان ته ، سمورا وڏيرا به ايئن ڪونه آهن. پر، ڪي وڏيرا پوليس ۽ ٿاڻي جي رسائي کان پاسيرا رهن ٿا. اهڙا وڏيرا ۽ ڀوتار ٿورائي ۾ آهن. انهن جو ڪو گهڻو تعداد ڪونه آهي جو ، کين ڳڻي نه سگهجي. بهرحال اهڙن وڏيرن کي جس ۽ شاباس هجي. جن ، هن عصبيتن ۽ نفرتن جي دور ۾ به ، پنهنجي زندگي کي حد جي ٿاڻي ۾ حاضري ڀرڻ ۽ پوليس سان دوستي رکڻ کان پري رکيو آهي. اهي انسان عظيم بي داغ ۽ ڪرپشن کان پاڪ و صاف آهن.

باقي ڳوٺن جا وڏيرا پوليس جا ساٿاري به رهن ٿا ته اهي ڏوهه به ڪرائيندا رهندا آهن. وري فيصلو به پاڻ ڪري ، امين ۽ صديق بنجيو وڃن. اهڙي طرح هو، عوام سان به سچا ۽ پوليس سان به سچا رهڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا. اهي پاٿاريدار به هوندا آهن. پوليس کي به انهن وڏيرن جي معرفت پئسو پيو ملي. جنهن ڪري پوليس انتظاميه به خوش رهي ٿي ۽ عوام کي ٻئي ڌريون بيوقوف ڪري ، راضي ڪيو ڇڏين. واهه وڏيرا تنهنجي چالبازي ۽ هوشياري. جڏهن ته وڏن وڏيرن ، ڀوتار ، سرمائيدارن ۽ جاگيردارن وٽ وري عوام کي ملڻ جو موقعو ئي ڪونه ٿو ملي. باقي بيان ڪيل وڏيرا ته انهن سان آساني سان مليو به وڃن ۽ فون تي رابطو ڪيو وٺن. انهن لاءِ ڪو به مسئلو ڪونه آهي ۽ نه وري کين ڪا تڪليف ۽ دشواري به ٿئي. ننڍا وڏيرا ۽ وڏا وڏيرا پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان هر وقت رابطي ۾ آهن. منهنجو ذاتي تجربو آهي ته ، وڏا ڀوتار ڪنهن ڪم سانگي ڳوٺ جي وڏيري وٽ لڙي آيا ته انهن جو خاص اهتمام ڪيو ويندو آهي. پر، اتي به ڪنهن غريب غربي جي ڪونه ٻڌي ويندي آهي. پاڻ ۾ ٻئي ڌريون حال احوال ڪري وٺنديون آهن. وڏو وڏيرو يا ڪو چونڊيل نمائنده وري حد جي ٿاڻي تي اهڙا ماڻهو مقرر ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته جيئن اهي ڪنهن ڪم ڪار جي موقعي تي مددگار ثابت ٿين. اهو ، پوليس عملو ، سندن ونگارو هوندو آهي ۽ انهن جي بنگلن جو طواف ڪندو رهندو آهي.

اهڙي عمل کي اسان جيڪڏهن سياسي پوليس ڪري چئون ته ڪو به وڌاءَ ڪونه ٿيندو. عام ماڻهو ته ، کين ان نالي سان سڏيندا رهن ٿا. بااثرن جي چوڻ تي مخالفن کي کنڀي گم ڪرڻ به انهيءَ عملي جو شيوو آهي. انتقامي ڪارروائي ۾ پوليس، بااثرن جي اشاري جي منتظر رهندي آهي. کين ، جيڏي مهل اشارو ملي ٿو ته دير ئي ڪونه ٿئي. مخالف ڌر کي پڪڙي اچو ٿاڻي تي قيد ڪن ۽ طرحين ، طرحين جون جٺيون ڪري تذليل به ڪئي ويندي آهي. ڀوتار به سمجهندو آهي ته ، هاڻي هي اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ آهي. ٻڌ ڇوڙ هن جي ئي هٿ ۾ آهي. چوڻ جو مطلب ته ، هن وقت پوليس ۽ وڏيرا پاڻ ۾ ٻٽ مليل آهن. سندن ئي معرفت بدامني ٿئي ٿي. سنڌ ۾ ڏوهن ۾ جيڪو اضافو ٿي رهيو آهي. سو ، انهن ٻنهي ڌرين جو ڪارنامو آهي. جيڪڏهن پوليس قاعدي ۽ قانون تي عمل ڪري ۽ وڏيرا يا بااثر سچي دل سان عوام جي خدمت ڪن ته پوءِ سوال ئي ڪونه ٿو پيدا ٿئي ته ، هتي ڪو ڏوهه ٿئي. مون اڪثر اهو ٻڌو آهي ته ، ڏوهاري ۽ ڌاڙيل انهن ٻنهي ڌرين جي ڪري ئي پيدا ٿين ٿا.

ان حقيقت کان ڪير به انڪار ڪونه ڪري سگهندو. جنهن ڪري ، پوليس ۽ وڏيري کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ گهرجي. تڏهن وڃي ٿاڻا ڪلچر جو خاتمو ممڪن ٿيندو. ٻي حالت ۾ عوام سک جو ساهه کڻي ڪونه ٿو سگهي. صحتمند معاشرو قائم ٿي نه سگهندو. عوام ۾ خوشحالي ڪونه ايندي. اچو ته گڏجي سنڌ ۾ امن و امان جي فضا قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون. محبت ورهايون ۽ تعليم کي عام ڪري پنهنجي شعور کي بيدار ڪريون. پاڻ ۾ اصلاح آڻيون. تڏهن اسان ترقي جي منزل تي گامزن ٿينداسون. پنهنجي پاڻ کي مڃرائي سگهنداسون. بهتر مستقبل جو سوچي ڪو اعلان ڪري سگهنداسون. تنهن لاءِ ضروري آهي ته ، گڏيل اختلاف ڇڏي ڀائپي جي طرف وڌڻ وقت جي ضرورت آهي.

ٿاڻي ڪلچر کي ختم ڪرڻ لاءِ ، ڪا قانون سازي ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ حڪومت کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. سياسي پوليس جيڪا هن وقت بااثرن جي ونگارو بڻيل آهي. تنهن کي غير سياسي ٿيڻو پوندو. عوام جي صحيح نموني خدمت ڪرڻي پوندي. اسان سڀني کي قاعدي ۽ قانون جي پوئواري ڪرڻ گهرجي. تڏهن وڃي بهتري ايندي.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.