لطف پيرزادو ۽ ڀٽائي جي صوفي فقيرن پاران کيس ملندڙ عظيم ڀيٽا

تحرير؛زرار پيرزادو

¨ اڄ لطف پيرزادي نالي ڀٽائي صاحب جي ان پارکوءَ جي ٽين ورسي آهي جنهن حقيقي معنيٰ ۾ پنهنجي سڄي ڄمار شاهه لطيف کي ارپي ڇڏي هئي.

¨ هو شايد ساهه به اوترا نه کڻندو  هو جيترا ڀٽائي صاحب جا بيت پئي پڙهندو هو ۽ هر روز انهن بيتن جي معنائن ۽ پس منظرن تي پئي سوچيندو ۽ لوچيندو هو.

¨ ڀٽائي صاحب سندس لاءِ محبوبن جيان هو جيستائين هو سندس مزار ۽ درگاهه جو ديدار نه ڪندو، ڀٽ شاهه جي ياترا نه ڪندو هو، کيس بلڪل به چين نه ايندو هو، هو پاڻ کي ڀٽائي جو فقير ۽ نوڪر سڏائڻ ۾ فخر ڪندو هو.

¨ اهڙي ئي عقيدت کيس پنهنجي پيءُ جهڙي وڏي مامي فقير يار محمد سان هئي، فقير يار محمد جو سخي شاهه جمال واري مڪان کي پنهنجي مامي جو ورثو سمجهي جيڪڏهن ان کي پاڻمرادو پنهنجو فرض سمجهي ڪري نه سنڀالي ها ته شايد سندس مستقل مسڪن ڀٽ شاهه ئي هجي ها.

¨ لطف پيرزادي جي سڃاڻپ جا ٻيا به ڪيترائي حوالا آهن. پاڻ مختلف وقتن ۾ استاد به رهيو ته صحافتي ذميواريون به ادا ڪندو رهيو، مهين جي دڙي جي سائيٽ جو رپورٽر به رهيو. ايئن مهين جي دڙي جو ڪيس به هر دور ۾ صحافتي مورچي تان وڙهندو رهيو.

¨ پاڻ کاٻي ڌر جي سياست سان سلهاڙيل رهيو. ضياءَ جي دور ۾ پندرنهن ڦٽڪن جي سزا ڀوڳيائين، جنهن جمهوريت جي بحالي لاءِ ڪوڙا کاڌائين تنهن جمهوري حڪومت ۾ سندس نوجوان پٽ شهيد سرويچ پيرزادي جو چچريل لاش ڏنو ويو.

¨ لطف پيرزادي جو جينز سندس اولاد ۾ به جا بجا منتقل ٿيل نظر اچي ٿو. سرويچ ۾ سياسي مزاحمت هئي ته عنايت ۾ صحافتي ورثو، سندس ڌيئرن سنبل، سمن ۽ سپت  جي رڳ رڳ ۾ ڀٽائي جا بيت سمايل آهن ته شعور ڳوٺ ۾ سندس ڇڏيل صوفي آستاني کي سنڀالي رهيو آهي.

¨ لطف پيرزادو، ڳوٺ ٻلهڙيجي جي انهن پنجن وڏن ٿنڀن مان هڪ هو جن جي بنيادن تي ”لٽل ماسڪو“ ٺهي جڙي راس ٿيو ۽ ڳوٺ جي فخر جوڳي سڃاڻپ بڻيو.

¨ لطف پيرزادي جي ذاتي زندگي ڀٽائي صاحب جي هن شعر مثل هئي ته ”سرجيس ته سور، ساماياس ته سُک ويا اهي ٻئي پور مون نماڻيءَ نصيب ٿيا.“

¨ هو پنهنجين محرومين جا درد ڀٽائي صاحب کي سُڻائڻ ويندو هو ۽ اندر جا سور اوري نئون بنو ٿي واپس ورندو هو.

¨ هاڻي لطف پيرزادي جا ڀٽ شاهه وارا سفر ته پورا ٿيا پر معجزاڻي طور تي هاڻي ڀٽ شاهه کان لطف پيرزادي جي مزار تي حاضري ڏيڻ جو نئون سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته هاڻي ڀٽ شاهه جا راڳي، فقير ڀٽائي صاحب پاران پير کڻندي سندس حقيقي عاشق لطف پيرزادي جي چاليهي وانگر هر ٻارهي تي ڳوٺ ٻلهڙيجي پهچي ان جي مزار تي صوفي راڳ ڳائي کيس اهڙي ڀيٽا پيش ڪندا آهن جنهن تي رشڪ ئي ڪري سگهجي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.