افغانستان جي تاريخ ۽ وقتي وزيراعظم ملا حسن آخوند !

تحرير؛مظهر خاصخيلي

نيٺ افغانستان ۾ طالبانن جي 23 ڏينهن جي صلاح مشوري کانپوءِ عبوري ڪابينا جو اعلان ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ 26 ميمبرن جي فهرست جوڙي وئي جنهن ۾ ملا محمد حسن آخوند رياست جو عبوري سربراه يعنيٰ وزيراعظم هوندو ، ملا عبدالغني ۽ مولوي عبدالسلام حنفي سندس نائب هوندا جڏهن ته ملان عمر جو پٽ يعقوب بچاءُ وارو وزير مقرر پنج شير جو فاتح ڪمانڊر فصيح آرمي چيف هوندو ۽ سراج حقاني گهرو وزير،ملا هدايت ناڻو،شيخ منير تعليم،مولوي اميرخان پرڏيهي وزيرطور ذميواريون نڀائيندو،خليل حقاني مهاجرن ۽ خيرالله خيرخواه سڌ سماءُ ۽ ٻين کي مختلف کاتا ڏنا ويا آهن ان ڪري هاڻي ڏسجي ته هيءَ افغانستان جي موجوده حڪومت جيڪا عبوري جوڙي وئي آهي. سا ڪيتري وقت تائين هلي ٿي ڇو ته  ماضي جي افغاني حڪمرانن جيان اشرف غني به اهڙي طرح اوچتو اقتدار ڇڏي وڃي پرڏيهه وسايو جهڙي طرح افغانستان جي پهرين امير دوست محمد پنهنجي جان بچائي برطانيا ۾ وڃي پناهه ورتي هئي.

افغانستان جي سياسي ۽ جنگي صورتحال ڏٺي وڃي ته هر دور ۾ سواءِ شهيد نجيب جي ٻئي ڪنهن به حڪمران پنهنجي عوام جي حقن لاءِ جان نه ڏني نه وري انهن ڪڏهن اهو سوچيو ته وطن جي مٽي انهن ماڻهن کي مان ڏيندي آهي جيڪي پنهنجي جانين جو نذرانو ڏئي پنهنجي قومي ورثي کي بچائڻ جو ڪردار ادا ڪندا آهن.

افغانستان هميشه کان وٺي جنگين ۽ سياسي افراتفري جو ڳڙهه رهيو آهي. هي طالبان ته 20 سال اڳ جي پيداوار آهن جن عالمي سامراج جي چوڻ تي سوويت يونين جي حمايت سان افغانستان ۾ ثور انقلاب يعني پورهيت انقلاب آڻيندڙ نورمحمد تاراڪي جي حمايت سان شهيد نجيب ڪوشش ڪئي ته کيس عالمي سامراج هٽائڻ ۾ ۽ کيس تمام گهڻي تذليل سان اذيت ڏئي ڪري شهيد ڪري هنن ئي طالبانن هٿان سندس مڙهه ڪابل جي چوڪ تي توف ۾ ٽنگيو ويو هو. ان وقت به ترقي پسند ڌرين سخت احتجاج ڪيو هو ته افغانستان ۾ هي جيڪو به ڪجهه ٿئي پيو هي عالمي سامراج جي راند جو حصو آهي ۽ ان ۾ ڏٺو وڃي ته سواءِ سوويت يونين جي سموريون ڌريون ملوث هيون.  طالبانن جي وڏي پئماني سان پرورش ٿيندي رهي، اها ڪنهن ڪئي ۽ ناڻو ڪنهن ڪنهن ورتو اهو هڪ تاريخ جو انوکو باب آهي جنهن جي هر ڪنهن ماڻهوءَ کي به خبر آهي ته جڏهن ڪجهه مهينا اڳ آمريڪي صدر ٽرمپ افغانستان مان پنهنجون فوجيون ڪڍڻ جون اعلان ڪيو هو ته ان وقت کان ئي اهي انومان ۽ خدشا ظاهر ٿي رهيا هئا ته عالمي سامراج هن خطي اندر ڪا نئين راند کيڏڻ چاهي پيو ۽ ايئن ئي ٿيو جو صدر ٽرمپ جي وڃڻ کانپوءِ جڏهن بائيڊن اقتدار ۾ آيو ته ان افغانستان مان جون جي بجاءِ 11 سيپٽمبر تائين فوجون ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان اعلان سان گڏ اهو به ڄاڻايو ويو ته هاڻ افغانستان اندر سندس تربيت يافته 3 لک کان وڌيڪ فوج سندن مفادن جي رکوالي ڪندي. اڃا ان ۾ 15 کان 20 ڏينهن هيا ته اڳ ئي طالبان تڪڙيون تڪڙيون ڪارروايون ڪندا اچي مزار شريف، ڪنڌار کان ٿيندا ڪابل تي ڪڙڪيا. جڏهن ته ان کان اڳ ٽرمپ واري ئي عرصي ۾ طالبان ۽ اشرف غني سرڪار وچ ۾ ڳالهيون ڪرائيندا. قطر جي دارالحڪومت دوحا ۾ اسٽيج سجائي وئي هئي ۽ انهيءَ لاءِ پاڪستان اندر جيڪي طالبان اڳواڻ ملا برادران کان وٺي مُلا يعقوب تائين جيلن ۾ بند هيا انهن کي اُتي کڻي پهچائڻ لاءِ پاڪستاني اختيارين مٿان ذميواري رکي وئي هئي ۽ آمريڪا جي هٿرادو لوڙهي نما جيل گوانٽاناموبي ۾ واڙيل طالبان کي اتي آڻڻ لاءِ اهي سمورا انتظام آمريڪا ۽ ان جي اتحادين ڪيا هئا ۽ اهي سموريون ڳالهيون ان وقت جيڪا ايڊوائيزري ڪائونسل جوڙي وئي هئي ان جو سربراهه عبدالله عبدالله کي مقرر ڪيو ويو هو جنهن جي اڳواڻي ۾ اهي ڳالهيون ٿيڻيون هيون.

اهي ڳالهيون هڪ پاسي هلي رهيون هيون ته ٻئي طرف وري آمريڪي ۽ ان جي اتحادي فوج افغانستان مان نڪري رهي هئي ۽ ٽئين طرف وري افغانستان اندر تيزي سان طالبانن جون ڪارروايون فتح جي روپ ۾ ملائڪن جيان جاري هيون ۽ سمورو کيل ۽ تماشو دنيا ڏسندي رهي ۽ هن وقت صورتحال ان هنڌ تي پهتي آهي جو ڪابل ۾ اڄ طالبانن جو قبضو ٿي چڪو آهي.

برطانوي فوج شاهه شجاع سان گڏجي (ڪرنل ڪين) ۽ (ڪرنل ڪاٽن) جي سرواڻي ۾ سنڌ، بلوچستان ۽ دره بولان جي رستي کان ٿيندي افغانستان تي حملا آوور ٿي هئي. انهيءَ حملي جي نتيجي ۾ اپريل 1839 ۾ قنڌار، 23 جولاءِ تي غزني ۽ 3 آگسٽ تي ڪابل تي قبضو ڪري پنهنجي پاليل ديسي دلال شاهه شجاع کي تخت تي ويهاريو ويو پر کيس انگريز سرڪار 1840 ۾ پنهنجي ئي پاليل گهوڙي شاهه شجاع کي گرفتار ڪري قيدي جي صورت ۾ ڪلڪته موڪليو ويو. انهيءَ وقت به افغاني عوام شاهه شجاع مان مطمئن ڪو نه هيو. اهڙي تبديلي سبب پوري ملڪ ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي چڪي هئي. افغاني قوم ان وقت به غير ملڪي سامراجي فوج جي موجودگي کي قبولڻ لاءِ تيار نه هئي. ان گهرو ويڙهه جو نتيجو اهو نڪتو جو امير دوست محمد جي پٽ اڪبر خان جي سرواڻي ۾ بغاوت اڀري پئي. ان وڌندڙ بغاوت سبب (ڪرنل برنز) جنهن کي سندس اقتداري دور ۾ افغانستان جو سفير ڪري موڪليو هو اهو پنهنجي ٻن ساٿين سميت انهيءَ بغاوت دوران قتل ٿي چڪو هو.

افغانستان جي تاريخ ۾ ڏٺو وڃي ته 11 سيپٽمبر 2001 هميشه ماضي کان وٺي هن وقت تائين اهميت جوڳو رهيو آهي اهو ان ڪري جو ماضي ۾ به 11 سيپٽمبر واري ڏهاڙي کي اهميت رهي آهي 11 سيپٽمبر تي آمريڪا ورلڊ سينٽر ۾ ڌماڪو ٿيڻ، وري 2021 جي 11 سيپٽمبر تي آمريڪي ۽ ان جي نيٽو اتحادي فوج جي نيڪالي جو اعلان به ماضي جي 11 سيپٽمبر سان سلهاڙيل نظر اچي ٿو اهو به ان ڪري جو 11 سيپٽمبر 1841 تي برطانوي صدر ميڪ نائن اڪبر خان سان معاهدو ڪيو انهيءَ معاهدي تحت شاهه شجاع کي هٽايو ويو ۽ ڪابل مان انگريز فوج کي نيڪالي جو دڳ ڏنو ويو هو. اڪبر خان کي پنهنجي مخالف سردار سان گڏجي سازشون ڪرڻ جي الزام ۾ ميڪ نائن گرفتار ڪرائي قتل ڪرايو هو. هن قتل واري واقعي سڄي افغانستان کي باهه جي ور چاڙهي ڇڏيو هو. ٻئي طرف وري ان وقت جي پوڙهي جرنل اسٽون اڪبر خان ۽ سڄي افغانستان پٺيان پئجي ويو هو. هن حملي ڪرڻ لاءِ برطانوي فوج لاٿي وئي اڪبر خان انهيءَ جرنل اسٽون ۽ سندس 100 کان وڌيڪ حملي آور فوجي آفيسرن کي يرغمال بڻائي حراست ۾ ورتو هو. انهيءَ پلاند سبب برطانوي سرڪار اڪبر خان کي قتل ڪرائي ڇڏيو هو. انهيءَ جنگ دوران ڪيترن ئي فوجن جون ورديون لهرائي واپس پنهنجي ملڪ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو هو. ايتري قدر جو 6 جنوري 1842 تي 45 سئو ماڻهن تي ٻڌل برطانوي فوجي پنهنجي 11 هزار ساٿين سان گڏجي ڪابل کان روانا ٿيا هئا رستي ۾ شديد برفباري سبب 16 هزار 5 سئو کان وڌيڪ حملي آورن مان صرف هڪڙو شخص (ڊاڪٽر برائيڊن) ئي بچيو هو جيڪو زندهه بچي ڪري جلال آباد گڏهه تي سوار ٿي ڪري پهتو هو.

انگريز سرڪار ڪابل مان نڪرڻ بعد ٿورن ئي ڏينهن بعد پنهنجن ئي افغانين هٿان شاه شجاع کي قتل ڪرايو هو جڏهن ته قنڌار ڪرنل ناٽ ۽ رابن سن ۽ جلال آباد ۾ ڪرنل براڊ جي قيادت ۾ انگريز فوج تمام وڏو حملو ڪرائي سڄي افغانستان ۾ تمام وڏو قتل عام ڪرايو. انهيءَ تباهي قتل و غارت گيري ۽ غلط پاليسي اختيار ڪرڻ جو ذميوار برطانوي پارليامينٽ جرنل آڪلينڊ کي قرار ڏئي کيس افغانستان مان سزا طور واپس گهرايو ويو. ان کان پوءِ جرنل ايلن برو انگريزي فوج کي واپس ٿيڻ جو حڪم ڏنو. انهيءَ برطانوي فوج واپسي کان پهريان 15 سيپٽمبر 1842 تي ڪابل تي قبضو ڪري وڏي پئماني تي خونريزي ڪرائي جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ بيگناهه افغاني پختونن کي جان جو نذرانو ڏيڻو پيو. نيٺ 12 آڪٽوبر تي انهيءَ برطانوي فوج هندستان جو رخ ڪيو. 1843 ۾ انگريزن ٻيهر غير مشروط طور پنهنجي ساڳي ئي پراڻي پگهاردار امير دوست محمد کي افغانستان جو امير تسليم ڪيو جيڪو آخر تائين برطانوي سرڪار جو تعبدار رهيو پر تعبداري باوجود پنهنجن ئي هٿان جون 1963 ۾ قتل ٿي ويو. اها افغانستان واري جنگي ويڙهه هن وقت به جاري آهي.

ڏسجي ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي. ۽ جيڪا عبوري حڪومت وجود ۾ آئي آهي. اها افغانستان جي موجوده صورت حال کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪهڙو ڪردار نڀائي ٿي ۽ افغانستان جون حالتون بهتر ٿين ٿيون يا وري ٻيهر تاريخ ورجائي افغانستان کي هڪ دفعو وري ان ساڳي جاءِ تي وٺي ٿي اچي جتي 20 سال اڳ بيٺي هئي ۽ افغانسان اندر انساني حقن جي لتاڙ ٿيندي هئي

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.