سنڌ هاءِ ڪورٽ گوهر ڪامپليڪس جي تعمير بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عرفان سعادت خان تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ايئرپورٽ جي ويجهو ماڊل ڪالوني ۾ تڪراري گوهر ڪامپليڪس جو تعميراتي ڪم روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيوآهي ،عدالت ڊي سي ملير سميت ٻين ڌرين کان 30سيپٽمبر تائين شروعاتي دليل طلب ڪري ورتو آهي .جڏهن ته عدالت سول ايويئشن  جي انتظاميا کي ذاتي حيثيت سان طلب ڪيو آهي .عدالت ۾ درخواستگذارطالب شاهه موقف اختيار ڪيو ته عمارت جي تعمير قانون جي ابتڙ آهي، ايئرپورٽ ڀرسان گهڻ ماڙ عمارت تعمير نٿي ٿي سگهي .گذريل سال جهاز جي حادثي ۾ قيمتي جانون ضائع ٿيون هيون . تقريبن سوين فيلٽس ٺھي چڪا آھن.جڏهن لاڳاپيل ادارن کان اجازت نه گهري آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.