مهراڻ ٽائون فئڪٽري سانحي ۾ مالڪن سميت سنڌ جا لاڳا پيل ادارا به ذميوار قرار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جَي علائقي مهراڻ ٽائون ۾ فيڪٽري جي سانحي ۾ فيڪٽري مالڪن سميت سنڌ جا لاڳاپيل ادارا به ذميوار قرار ڏنا ويا آھن، سيشن اينڊ ڊسٽرڪٽ عدالت جوابدارن جي ضمانت واري ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي .عدالت چيو ته ڪيس ۾ لاڳاپيل کاتن کي شامل نه ڪرڻ متاثرن سان ناانصافي هوندي .عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته رهائشي پلاٽ تي غير قانوني فيڪٽري قائم ڪئي وئي .خوفناڪ حادثي ليبر کاتي،  سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي، ڪي ايم سي ۽ ٻين ادارن جي ڪارڪردگي وائکي ڪري ڇڏي آهي ، فيڪٽري ۾ انساني جانيون بچائڻ لاءِ ايمرجنسي سهولت نه هئي، فيڪٽري جو مک گيٽ بند هجڻ سبب 17 انساني جانيون ضايع ٿي ويون .عدالت چيو ته فائر برگيڊ عملو دير سان پهتو، پاڻي جي کوٽ ۽ عملي جي کوٽ به سانحي جو ڪارڻ قرار ڏنو ويو.مالڪن مختلف لاڳاپيل ادارن کي رابطوڪرڻ جا خط پيش ڪيا .پر فائدو نه ٿيو .ايس بي سي اي صرف رهائشي مقصد جي لاءِ گرائونڊ پلس ون جي منظوري ڏني .بظاهر پراسيڪيويشن وٺڻ الزام جو دفاع ڪرڻ جي لاءِ مناسب ٽبوت موجود آهي .دفعاناقابل جو مطلب ته شاهدن ۽ثبوت جي ذريعي جوابدارن کان پچاڻو  ڪرڻ آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.