افغانين جي آمد برطرفين، قبضن ۽ پاڻيءَ تي ڌاڙن خلاف ڪيو اي ٽي جا ڌرڻا

ھوسڙي/جھڏو/ڏيپارجا(نمائندا + پ ر) افغانين جي آبادڪاري خلاف ۽ غير قانوني پرڏيھين جي نيڪالي لاءِ پاڻي تي ڌاڙي، سئي گئس ۽ ٻين وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي نوڪرين مان سنڌ جي ھزارين ملازمن جي برطرفين ۽ زمينن تي قبضن ۽ پاڻي تي ڌاڙن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شھرن ۾ ڪالهھ اٺين ڏينھن به احتجاجي مظاھرا ۽ ريليون ڪڍي احتجاج ڪيو ويو۔ ان ڏس ۾ ھوسڙي ۾ نذير بليدي، بابو ميمڻ، رفيق ڪنراڻي، قادر ملاح، فرحان لاڙڪ، رفيق احمداڻي، درشن سچديو، الطاف خاصخيلي ۽ ٻين بھار ڪالوني کان ريلي ڪڍي ھوسڙي پريس ڪلب اڳيان مظاھرو ڪيو۔ جھڏي ۾ ڪامريڍ رازو مل ڪولھي، ڪرڙ ريٻاري، مجيد ٻگھيو، سنڌياڻي  تحريڪ جي نجما آرائين، شاھد ڪلوئي، منصور کوسو، حيدر ڀٽي، علي بخش پتافي، پروين آرائين، نم ڀيل، يعقوب اوٺو ۽ ٻين خطاب ڪيو۔ ڏيپارجا ۾ نازڻ عالماڻي، خان محمد سومرو، ھدايت الله سومرو ۽ ٻين ريلي ڪڍي مظاھرو ڪيو۔ ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته حڪمران سنڌ کي فتح ڪيل علائقو سمجھي رھيا آھن۔ سنڌ کي ديوار سان لڳائڻ جا نتيجا خطرناڪ نڪرندا۔ سنڌ ڪڏھن به غلامي قبول نه ڪئي آھي۔ تاريخ جي ھر دور ۾ سنڌ ظلم ۽ جبر جي مزاحمت ڪئي آھي۔ اڳواڻن چيو ته ھڪ طرف سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت م تبديل ڪيو پيو وڃي ته ٻئي طرف وري ماڻھن کي نوڪرين مان برطرف ڪيو پيو وڃي. پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري زراعت کي تباھ ڪري ماڻھن کي بدحال ڪيو پيو وڃي، اڳواڻن چيو ته سنڌ مان افغاني ڌارين سميت سڀني غير قانوني پرڏيھين کي نيڪالي ڏئي سنڌ جي زمينن تان قبضا ختم ڪري نوڪرين مان برطرف ڪيل 16 ھزار ملازمن کي بحال ڪري پاڻي جي کوٽ ختم ڪري آبادگارن کي سندن جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ اڳ ۾ ئي لکين پناھه گير بار بڻيل آهن. مٿان وري افغانين جي لوڌ اچي رهي آهي، جيڪا صورتحال خطرناڪ ٿيندي. سنڌ کي عالمي يتيم خانو سمجھي لُٽيو ۽ ڦُريو پيو وڃي، سنڌ جي پاڻي تي قبضو ڪري درياھه کي سڪايو پيو وڃي، ڪوھستان ۽ ساحلي پٽي سميت سنڌ جي زمينن تي والار ٿي رهي آهي ۽ سنڌي ملازمن کي وفاقي توڙي صوبائي کاتن پاران برطرف ڪيو پيو وڃي جيڪو تعصباڻو رويو آهي. اڳواڻن چيو ته سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو، حڪمرانن جو ان پاڻي تي قبضو آھي، زرعي پاڻي کي ھٿيار بنايو ويو آھي. پڇڙي وارن ۽ مخالف آبادگارن کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي، اڳواڻن چيو ته پيپلز پارٽي سنڌ جون زمينون تين وال ڪري بلڊر مافيا جي سرپرستي ڪري رھي آھي. قديمي ڳوٺ ڊاھي ڌرتي ڌڻين کي پنھنجي وطن ۾ بي وطن ڪيو ويو آھي۔ اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ سان ناانصافيون بند ڪيون وڃن. نتيجي ۾ سنڌ جي عام آبادگار ۽ شهرين کي پيئڻ لاءِ ڍڪ پاڻي به نصيب نٿو ٿئي، سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪن. اڳواڻن چيو ته ڪراچي سميت سنڌ جي شھرن ۾ زمينن تي قبضا ڪري بلڊر مافيا جي سرپرستي ڪئي پئي وڃي، لکين ايڪڙ زمين قبضا ڪري ڌرتي ڌڻين کي پنھنجي وطن ۾ بي وطن ڪيو پيو وڃي. قديمي ڳوٺن ۽ ڪالونين کي مسمار ڪري ظلم ۽ بربريت ڪئي پئي وڃي، اڳواڻن چيو ته وفاقي ۽ سنڌ جا حڪمران ھوش کان ڪم وٺن. سنڌ کي  ٻين صوبن وانگر تعليم، روزگار، پاڻي ۽ بنيادي سهوليتون ميرٽ جي بنياد تي بنا ڪنهن تفريق جي ڏنيون وڃن، سنڌ عالمي يتيم خانو ناھي. سنڌ کي مال غنيمت بنائي لٽڻ بند ڪيو وڃي، ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي  چيو آھي ته ٿرڪول منصوبي ذريعي سنڌ جي دولت تي ڌاڙو ھنيو پيو وڃي ٿر واسين کي ڪوڙا خواب ڏيکاري دوکو ڪيو ويو آھي مقامي ماڻھن کي نوڪرين کان پري ڪيو پيو وڃي. اھم عھدن تي ٻاھر جا ماڻھو مقرر ڪيا ويا آھن. پيپلز پارٽي حڪمرانن دعويٰ ڪئي ھئي ته ٿر جي ڪوئلي سان ٿرپارڪر جي قسمت تبديل ٿي ويندي، غربت جا ماريل ماروئڙا مالا مال ٿي ويندا پر حقيقت اھا آھي ته اڄ به بک، بيروزگاري کان تنگ ٿر ۾ سڀ کان وڌيڪ خودڪشين جا واقعا ٿي رھيا آھن. خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگھي روزانو معصوم ٻار مري رھيا آھن. آر او پلانٽس کي پاڻي فراھمي بدران ڪرپشن جو ذريعو بنايو ويو. اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلز پارٽي عوام سان دوکيبازي بند ڪري. ٿرڪول منصوبي ۾ مقامي ماڻھن کي عھدن تي نوڪريون ڏنيون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.