سنڌ سرڪار پاران ڪراچي ۾ بجلي بل ذريعي ٻه الڳ ٽيڪس وصول ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت ڪي اليڪٽرڪ بلن ذريعي ڪراچي ميٽروپوليٽين ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) جو فائر ۽ ڪنزروينسي ٽيڪس وصول ڪرڻ جو منصوبو جوڙي ورتو، ڪي اليڪٽرڪ سان معاهدي لاءِ وفاق/ سان رابطي جو فيصلو،  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪي ايم سي جو گڏيل اجلاس ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ ڪي اليڪٽرڪ بل ذريعي ڪي ايم سيز ۽ ڊي ايم سيز جي ٽيڪس اوڳاڙي بابت بحث ڪيو ويو،   وڏي وزير چيو ته اسان چاهيون ٿا ته لوڪل ٽيڪس اوڳاڙي بھترين هجڻ گهرجي، اسان چاهيون ٿا ته ڪراچي جي مڪاني ادارن کي مالي طور تي مضبوط ڪيو وڃي، هن چيو ته ڪي ايم سي مختلف قسم جا 13 ٽيڪس اوڳاڙي ڪري ٿي، ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ذريعي ڪي ايم سي رڳو 2 ٽيڪس، فائر ٽيڪس ۽ ڪنسروينسي ٽيڪس گڏ ڪرڻ چاهي ٿي، هن چيو ته KMC هن وقت انهيءَ ٻنهي ٽيڪسن مان ساليانو  210 ملين رپيا گڏ ڪري ٿي، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي بلن ذريعي ڪي ايم سي لاءِ 100 کان 200 روپيا وصول ڪندي آهي، ڪي اليڪٽرڪ ڪي ايم سي جي ان ٽيڪسن کي پنھنجي 26 لک واهپيدارن کان چارج ڪندي، هن چيو ته جيڪڏهن ڪليڪشن واري معاهدي تي صحيحون ٿي وڃن ٿيون ته انهيءَ سان ڪي ايم سي کي ساليانو 9 ارب رپيا ملندا،  اهڙي ريت ڪي ايم سي مالي طور تي مضبوط ٿي ويندو ۽ بهتر طريقي سان ترقياتي ڪم ڪري سگهندو، هن چيو ته جيڪڏهن ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪي ايم سي وچ ۾ اوڳاڙي وارو معاهدو ٿيو ته ڪي اليڪٽرڪ جا بل به آسانيءَ سان ادا ڪيا ويندا، وڏو وزير وفاقي حڪومت سان ڪي اليڪٽرڪ جي تجويز تي ڳالهائيندو ته ڪي اليڪٽرڪ کي ڪي ايم سي ٽيڪس گڏ ڪرڻ جي قانوني اجازت ڏني وڃي، ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي مرتضيٰ وهاب چيو ته هن مڪمل اوڳاڙي وارو منصوبو تيار ڪيو آهي ۽ هي منصوبو KMC لاءِ هڪ انقلاب جيان هوندو، هن چيو ته هر مهيني صوبائي حڪومت جي فنڊن مان هلندڙ ڪي ايم سي مالي طور تي خوشحال ٿي ويندي،هوڏانهن ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (KMC) ۽ ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي (KDA) جي وچ ۾ پارڪنگ پلاٽ واري تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ  وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت ۾ اجلاس  ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير  ٻنهي ادارن جي عملدارن کي عدالتن مان پنهنجا ڪيس واپس وٺڻ جي ھدايت ڪئي، اجلاس ۾ مڪاني ادارن وارو وزير ناصر شاهه، ايڊمنسٽريٽر ڪي ايم سي مرتضيٰ وهاب، سنڌ جي وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، اسپيشل سيڪريٽري بلديات خالد چاچڙ، ڊي جي ڪي ڊي اي آصف ميمڻ ۽ ڊائريڪٽر ڪي ڊي اي خالد مسرور شرڪت ڪئيمرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته ڪي ايم سي ۽ ڪي ڊي اي وچ ۾ صدر پارڪنگ پلازا جي ملڪيت بابت هڪ ٻيو تڪرار هو، وزير بلديات ناصر شاهه چيو ته جنهن زمين تي پارڪنگ پلازا تعمير ڪيو ويو آهي اها ڪي ڊي اي جي آهي ۽ تعمير تي ٿيندڙ خرچ سٽي گورنمنٽ جي فنڊن مان ورتا ويا آهن، ان تي سنڌ جي وڏي وزير فيصلو ڪيو ته زمين جي ملڪيت ڪي ڊي اي وٽ آھي تنھنڪري پارڪنگ پلازه ڪي ڊي اي کي ڏني وڃي، سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٻئي ادارا ڪي ايم سي ۽ ڪي ڊي اي ڪراچي جي عوام جا آهن تنهنڪري انهن کي قانوني ويڙهه ۾ الجهائڻ بدران عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.