ڪارڊ وقت تي شو ڪنداسين، ٻيون پارٽيون ”ٻين“ جي اشارن تي اٿن ويهن ٿيون: بلاول

ملتان(م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان پنهنجا ڪارڊ سنڀالي رکيا آهن، وقت اچڻ تي شو ڪنداسين، ٻيون سياسي پارٽيون  ته اٿنديون ويهنديون به ” ٻين“ جي اشارن تي آهن، ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ ۾ رڳو پ پ اپوزيشن ڪري رهي آهي، پارٽي ۾ مختلف سياسي اڳواڻن جي شموليت ٻين پارٽين ۾ هلچل پيدا ڪري رهي آهي، هن چيو ته چونڊون جڏهن به ٿينديون، اقتدار ۾ جيالا ئي ايندا، هن چيو ته اسان جي جلسن ۾ عوام ايندو آهي ۽ سان عوام جي طاقت تي ئي يقين رکون ٿا، هن چيو ته ٻين سياسي پارٽين لاءِ حڪومتن جو بندوبست ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته پ پ عوامي بندوبست سان ايندي آهي، هن دعويٰ ڪئي ته افغان مسئلي تي وزيراعظم عمران خان اڪيلائي جو شڪار آهي، حڪومت کي افغان پاليسي سميت ٻين اهم اشوز تي پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻو پوندو، هن چيو ته پي ٽي آءِ کي شروعاتي 100 ڏينهن ۾ پنجاب ۾ نئون صوبو ٺاهڻو هجي ها ته هيل تائين بڻجي چڪو هجي ها، ٽن سالن کانپوءِ ڏکڻ پنجاب سيڪريٽريٽ جو قيام رڳو هڪ لولي پاپ آهي، هن چيو ته ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي بل جي معاملي تي حڪومتي اتحادي به عمران خان سان گڏ ناهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.