افغانستان ۾ نئين گريٽ گيم شروع ٿيندي: ڪلاسرا

ڪراچي (م ڊ) سڄي دنيا ۾ اڄ ڪلهه افغانستان سياست تي ڇانيل آهي ۽ طالبان ٻن ٽن هفتن جي بحث مباحثي کان پوءِ جڏهن عارضي حڪومت جو اعلان ڪيو آهي ته ان ۾ ڪاحيران ڪندڙ ڳالهه يا ڇرڪائيندڙ نالو سامهون نه آيو آهي، صرف سراج حقاني جو نالو اهم آهي يا ملا عمر جي پٽ يعقوب کي دفاع جهڙي اهم وزارت ملي آهي. اڃا پشتون، تاجڪ ۽ هزاره وارا ننڍا ننڍا گروپ رهيل آهن، جن کي ڪيترو حصو ملندو اهو ته وقت ٻڌائيندو ڇو ته طالبان ترجمان جو چوڻ آهي ته اڃان اهم عهدا رهيل آهن، پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته روس ، چين ۽ پاڪستان ته سرگرم آهن پر ڪجهه ٻين مسلمان ملڪن جي دلچسپي وڌي وئي آهي. جيڪي افغانستان ۾ پنهنجو ڪردار چاهين ٿا. اهي مسلمان ملڪ آهن جن جي وچ ۾ تڪرار رهيا آهن.  ترڪي ، گڏيل عرب امارات  سعودي عرب ۽ قطر اهڙا ملڪ آهن، جيڪي افغانستان  ۾ پنهنجو ڪردار ۽ موجودگي وڌائڻ چاهين ٿا. اها طالبان لاءِ  ته خوشيءُ  جي ڳالهه آهي ڇو ته سڀ مالدار ملڪ آهن، اهي طالبان حڪومت جي مدد به ڪري سگهن ٿا، افغانستان ۾ سيڙپڪاري به ڪري سگهن ٿا، رهيو سوال ته ايران پنجشير واري معاملي تي انتهائي سخت بيان ڏئي في الحال مونجهارو پيدا ڪيو آهي ته مستقبل ۾ ايران هزاره شيعا ڪميونٽي جي ڪيئن مدد ڪندو. ان ڪري حالتن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته افغانستان ۾ هڪ نئين گريٽ گيم شروع ٿيڻ واري آهي ڇو ته هر مسلمان ملڪ پاڪستان ذريعي  افغانستان ۾ پنهنجو اثر رسوخ ۽ موجودگي وڌائڻ چاهي ٿو، ڇو ته سمورن ملڪن سان پاڪستان جا دوستاڻا لاڳاپا آهن. سو ان نئين گريٽ گيم ۾ پاڪستان جو ڪردار اهم نظر اچي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.