اليڪشن ڪميشن جا اعتراض هڪ طرفا قرار، اپوزيشن کان تجويزون طلب

اسلام آباد(م ڊ) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وزارت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي اليڪشن ڪميشن جي اعتراضن کي هڪ طرفو قرار ڏئي ڇڏيو، ذريعن مطابق اليڪشن ڪميشن عملدارن ۽ سائنس ٽيڪنالاجي وزارت جي اختيارين ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ فني ٽيم پهريون ڀيرو اليڪشن ڪميشن کي اي وي ايم تي بريفنگ ڏني جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي خدشن تي جواب ڏنا ويا، سينيٽ جي پارلياماني ڪميٽي ۾ اليڪشن ڪميشن جو موقف هو ته اي وي ايم ذريعي ذئين مطابق آزاداڻيون، شفاف ۽ قابل اعتماد چونڊون نٿيون ٿي سگهن، وزات جي ذريعن چيو ته ٽيڪنيڪل ٽيم جي بريفنگ وٺڻ کان بغير مشين تي اعتراض ڪيا ويا، ٻئي پاسي وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته ڌانڌلي ڪندڙن لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين خراب خبر آهي، مخالف نٿا چاهين ته اليڪشن شفاف ٿئي، پر ٽيڪنالاجي جي مدد سان اليڪشن ٿيڻ ضروري آهي، هن چيو ته اليڪشن ڪميشن 37 اعتراض داخل ڪيا آهن جن مان 27 اعتراضن جو ٽيڪنالاجي سان ڪو به تعلق ناهي، هن چيو ته حڪومت سمورين اپوزيشن پارٽين کي دعوت ڏئي ٿي ته اهي پنهنجي ٽيڪنيڪل نمائندا مقرر ڪري اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي حوالي سان پنهنجي سفارشن کان آگاه ڪن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.