ڊاڪٽر شاهد رسول جناح اسپتال جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ سرڪار ڊاڪٽر شاهد رسول کي جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر ڪراچي ۾ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو، چيف سيڪريٽري پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي جنرل سرجري ڊپارٽمينٽ جي 21 گريڊ جي پروفيسر ڊاڪٽر شاهد رسول کي 3 سالن لاءِ جناح پوسٽ گريجوئيٽ ميڊيڪل سينٽر جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويوآهي، جڏهن ته ڊاڪٽر طارق محمود کان لڪ آفٽر چارج واپس ورتي وئي آهي،  سرڪار ڊاڪٽر شاهدرسول جو اسسٽنٽ پروفيسر سرجري وارو آرڊر ڪينسل ڪري ڇڏيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.