پاڪستان پاران افغانستان لاءِ امداد موڪلڻ جو اعلان

اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان افغانستان لاءِ امداد موڪلڻ جواعلان ڪيو آهي، پرڏيهي ترجمان چيو ته افغانستان ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون، هوڏانهن اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ٻنهي پارٽين کي چونڊ سڌارن ۾ ڪا دلچسپي نه آهي، پي ٽي آءِ واحد پارٽي آهي جيڪا چونڊ سڌارن جي ڳالهه ڪري رهي آهي، وفاقي ڪابينا سردار علي خان کي پنجاب جو نئون آءِ جي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني، هن  چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ شبلي فراز ۽ ڊاڪٽر بابر اعواڻ آئي ووٽنگ، چونڊ سڌارن ۽ اي وي ايم بابت تفصيلي موقف پيش ڪيو. هن ٻڌايو ته فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي پاران سرڪاري ملازمن بشمول ججن ۽ صحافين کي پلاٽس ڏيڻ جي حوالي سان زمين حاصل ڪرڻ ۽ پلاٽس جي ورڇ بابت طريقيڪار ۽ سفارشون ڪابينا آڏو پيش ڪيون ويون. وزيراعظم ان پراسيس تي سخت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته اهو قطعي طور تي مناسب نه آهي ته غريب ماڻهن کان زبردستي زمين حاصل ڪري مخصوص طبقن کي فائدو پهچايو وڃي. هن چيو ته بدقسمتي سان ان عمل ۾ غريب ماڻهن جو استحصال ڪيو ويو، هن چيو ته  اسان جي اڪثر سياسي قيادت کي ٽيڪنالاجي جي اي بي سي جي به خبر نه آهي، هوڏانهن فواد چوڌري چيو ته افغانستان ۾ نگران سيٽ اپ جي اعلان تي ردعمل وقت کان اڳ هوندو، سي آءِ اي ڊائريڪٽر، ترڪي ۽ قطر جا انٽليجنس سربراهه ڪابل پهتا، افغانستان ۾ ڪو پرڏيهي وزير ناهي، اسان پرڏيهي وزير موڪليون ها ته ڪنهن سان ملاقات ڪري ها؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.