پورهيت جي پگهار 25 هزار خلاف ٻڌڻي، ويج بورڊ سيڪٽريٽري طلب

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عدنان ڪريم ميمڻ تي ٻڌل ٻه رڪني بئيچ سنڌ۾ پورهيتن جون پگهارون گهٽ ۾ گهٽ 25هزار مقررڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي .خالد جاويد ايڊووڪيٽ پنهنجا دليل مڪمل ڪري ڇڏيا آهن .عدالت ويج بورڊ جي سيڪريٽري کي طلب ڪري ورتو آهي .عدالت ويج بورڊ جي چئيرمين جي عارضي تقرري تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو .عدالت عبوري انتظام طور تي گهٽ ۾ گهٽ پگهارون مقررڪرڻ جي تجويز ڏني آهي .عدالت ٻه هفتن ۾ لاڳاپيل شعبي جي ماهر جي مقرري  کي مستقل ڪرڻ جو چيو آهي .عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سومر 13 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .ايندڙ ٻڌڻي تي اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ علي صفدر سنڌ حڪومت جي موقف تي دليل ڏيندو .جڏهن ته بيرسٽرعابدزبيري دليل ڏيندي چيو آهي ته پنجاب ۾ 20هزار ۽ ڪي پي ڪي ۾ پورهيت جي پگهار 25 هزار آهي .جيڪڏهن سنڌ ۾ پورهيتن کي 25هزار پگهارون ڏينون وينديون انڊسٽريون پنجاب منتقل ٿي وينديون .چيمبر آف ڪامرس جي وڪيل چيو ته 25هزار پگهارون ڏيڻ سان ايڪسپورٽرز کي وڌيڪ نقصان ٿيندو .ڪي پي ڪي ۾ 21هزار پورهيت جون پگهارون چئلينچ ڪيون ويون آهن .عدالت پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته لکن ماڻهن جي پگهارن جو معاملو آهي .اوهان پنهنجي بجيٽ الوڪيشن نٿا ڪري سگهو .جسٽس صلاح الدين پنهور پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته ڪبنيٽ ميٽنگ سمجهوته بورڊ ڪنهن ڪم جو نه آهي ان ڪري فيصلو ڪيو .نعرو ماني ،ڪپڙا ۽ مڪان جو آهي پر عملي طور ته ڪجهه نه آهي .عدالت چيو ته پورهيت جي پگهارن جو تعين ڪندڙ اداري جوچئيرمين به قانون موجب نه آهي .وڪيل چيو ته ويج بورڊ جو حڪم حتمي هوندو آهي ان موجب حڪومت نوٽيفڪشن جاري ڪندي آهي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.