پي اي سي کي نادرا ويڪسين سرٽيفڪيٽ جي فيس تي اعتراض

اسلام آباد(م ڊ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ پي اي سي جي چيئرمين رانا تنوير حسين جي صدارت ۾ ٿيو،چيئرمين چيو ته نادرا جون رهتون حڪومتي ادارن ڏانهن واجب الادا آهن، سڄو ملبو غريب ماڻهو تي ڪري ٿو، نادرا ويڪسين سرٽيفڪيٽ  جي فيس 100 رپيا ورتي پئي وڃي، ان جي قيمت 25 رپيا هجڻ گهرجي ۽ ويڪسين ڪارڊ جا 350 رپيا ورتا پيا وڃن، نادرا چيئرمين طارق ملڪ چيو ته ، سڌارا آندا پيا وڃن، نادرا ويڪسين سرٽيفڪيٽ ٺاهڻ جي لاءِ پويان سڄو سسٽم هلي ٿو ۽ اسان ڪجهه شين جي لائيسنسنگ فيس پڻ ڏيون ٿا ان تي 100 رپين کان وڌيڪ خرچ اچي ٿوچيئرمين راڻا تنوير حسين چيو ته جيڪڏهن 15 ڪروڙ عوام اهو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪري ته اها رقم اربين رپيا بڻجي ٿي، نادرا ان تي نظرثاني ڪري، منزه حسن چيو ته 100 رپيا فيس وڌيڪ نه آهي، راڻا تنوير حسين چيو ته نادرا ڪمرشل ادارو نه آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.