فردوس شميم جي ضمانت ۾ 4 نومبر تائين واڌ

ڪراچي ( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي جي سربراهي  ۾ ٻه رڪني بئنچ حبيب گروپ آف ڪمپنيز کي 2006ع ۾ سرڪاري زمين 30 سال ليز تي ڏيڻ واري ڪيس ۾  پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي جي نيب جاچ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ، نيب پاران فردوس شميم نقوي خلاف انڪوائري مڪمل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي . نيب پراسيڪيوٽر جو چوڻ ھو تھ جوابدار خلاف انڪوائري مڪمل ڪري معاملو هيڊ ڪوارٽرز موڪلي ڇڏيو آهي .عدالت فردوس شميم نقوي جي ضمانت ۾  4نومبر تائين واڌ ڪندي نيب کي اڳڀرائي  رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.