طالبان حڪومت ۾ عورتن جي عدم شموليت تي سوشل ميڊيا تي تنقيد

اسلام آباد(م ڊ) افغانستان ۾ نئين  ڪابينا جي اعلان بعد افغانستان، پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ماڻهو خاص طور تي عورتون هاڻي سوشل ميڊيا تي طالبان جي ڪابينا ۾ عورتن جي عدم شموليت تي سوال ۽ عورتن جي حقن بابت مختلف خدشن جو ذڪر ڪري رهيا آهن، پاڪستاني صحافي غريده فاروقي لکيو ته افغان طالبان جي نئين حڪومت ۾ عورتن ۽ اقليتن جي نمائندگي نه هئڻ ” بدليل طالبان“ جي باري ۾ گهڻو ڪجهه ٻڌائي ٿي، سماجي ڪارڪن ندا ڪرماڻي لکيو ته طالبان جي حڪومت ۾ 95 سيڪڙو پشتون آهن ۽ سڀ مرد آهن ۽ انهن ۾ ڪيترائي گڏيل قومن جي دهشتگردن جي فهرست ۾ شامل آهن، افغان سماجي ڪارڪن سميرا حامدي ٽوئيٽ ڪيو ته آمريڪا، برطانيا،يورپي يونين ۽ گڏيل قومن کي مبارڪ هجي، طالبان جي نئين حڪومت ۾ رڳو مرد، ملا ۽ طالب شامل آهن، اهي(طالبان) جيڪي چون ٿا انهن ثابت ڪري ڇڏيو، افغانستان ۾ اڳوڻي وزير حبيبه سرابي بي بي سي کي ٻڌايو ته اسان لاءِ اهو غيرمتوقع نه هو، ڇو ته طالبان جي اهائي ذهنيت آهي، طالبان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته ملڪ رڳو ملان يا شيخ سان نٿو هلي سگهي، حسينه صفي لکيو ته عورتن جي نمائندگي نه هئڻ افسوسناڪ آهي، نئين ڪابينا ۾ عورتن جي وزارت ناهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.