سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، ٻارڙي فوت

ڪراچي(نمائندا) ڪوهستان ۽ ٿر سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾برسات، موسم خوشگوار، نوري آباد، مول، سري ۽ لوڻي ڪوٽ ۾ پلر جي پالوٽ، ڪلو کوھر، ڪرچاٽ،  لوياڇ ۽ ٻين  هنڌن تي وسڪاروپيو، جابلو علائقن مان تيز وهڪري سان نيون ۽ ڍورا وهي آيا، مٺي، ڍورو نارو، صوفي فقير، کوکرو پار ۽ ڀرپاسي برسات، ٿر ۾ مينهن وسڻ تي ماروئڙا ٻهڪي پيا، کپرو، ڀٽ ڀائٽي،کاهي، لوڻ کاڻ ڀٽ شاهه، کيبر، هالا ۽ ڀرپاسي ۾ به تيز برسات پئي، هالا ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي،زم زم شادي هال لڳ گهر جي ديوار ڪرڻ سبب چئن سالن جي معصوم ٻارڙي مينا ڌيءَ طاهر قريشي پنجابي ديوار جي ملبي هيٺان اچي دٻجي ويئي ڊاڪٽرن پاران نينگري جي فوت هجڻ جي تصديق ڪرڻ تي فوتي نينگري جو لاش مائٽن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته ڪراچي حيدرآباد، سانگهڙ ۽ ٻين شهرن ۾ اڄ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.