2012ع ۾ ڀرتي ڪيل اسپيشل ايجوڪيشن ملازمن جو احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران 2012ع ۾ ڀرتي ڪيل اسپيشل ايجوڪيشن ضلع ڪشمور جي ملازمن جو اربع ڏينهن به احتجاج جاري رهيو. احتجاجي ملازمن پاران پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي ڪئمپ قائم ڪيل آهي. اربع ڏينهن صبح جو ملازمن ڪئمپ مان ٻاهر نڪري مصروف روڊ تي ڌرڻو هنيو ۽ صوبائي حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهري کي خطاب صدام حسين لاشاري، مصمد اقبال کوسي ۽ ٻين خطاب ڪيو. اڳواڻن چيو ته اسپيشل ايجوڪيشن ڪشمور ضلعي جي ملازمن جن تعداد 74 آهي ۽ جيڪي 3 سالن کان لڳاتار پگهارون به وٺندا رهيا آهن پر جنوري 2016ع کان بنا سبب سڀني ملازمن جون آئڊيز بند ڪيون ويون آهن .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.