ڪراچي واسي 41 سيڪڙو ٽئڪس ڏيڻ باجود پاڻي لاءِ تڙپن پيا: جماعت اسلامي

ڪراچي(رپورٽر)امير جماعت اسلامي ڪراچي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي جو سخت بحران آهي ، ڪراچي جو ڪو به اهڙو علائقو ناهي جتي شهري پاڻي لاءِ تڙپندا نه هجن،هن چيو ته واٽر اينڊ سيوريج بورڊ ۾ اربين رپيا ضايع ڪيا پيا وڃن،ڪراچي کي جيڪو پاڻي ملڻ گهرجي اهو نٿو ڏني وڃي، رشوت ڏيڻ سان پاڻي ٿو ملي،هتي رشوت جو نظام وڌي ويو آهي، هي ڪراچي جي صورتحال آهي جيڪا سڀ کان وڌيڪ ٽيڪس ڏيندي آهي، حافظ نعيم الرحمان چيو ته هو عمران خان کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڪراچي 41 سيڪڙو ٽيڪس ادا ڪري رهيو آهي، عمران خان ڪراچي مان ٽيڪس ته وٺي ٿو پر هن  وقت تائين ڪراچي جي لاءِ ڇا ڪيو ويو آهي، ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ جو ڪوبه نظام حڪومت سطح تي موجود ناهي، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ مافيا کي ڪراچي جي عوام تي مسلط ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.