اشرف غني افغان عوام کان معافي وٺي ڇڏي

ڪابل(م ڊ) اڳوڻي افغان صدر اشرف غني افغان عوام کان معافي وٺي ڇڏي،ٽوئيٽر تي بيان ۾ هن چيو ته صدارتي محل جي سيڪيورٽي عملي جي هدايت تي اتان کان روانگي اختيار ڪئي، ڪابل ڇڏڻ منهنجي زندگي جو مشڪل فيصلوهو، پر مون  کي يقين هو ته ڪابل ۾ توپن کي خاموش رکڻ ۽ لکين شهرن کي محفوظ رکڻ جو اهو ئي واحد رستو هو، هن  چيو ته مون 20 سال افغان شهرين جي مدد، جمهوريت جي تعميرترقي ۽ ملڪي سالميت لاءِ وقف ڪيا، منهنجي ارادن ۾ ڪڏهن به افغان شهرين کي مشڪل ۾ ڇڏڻ شامل نه هو، هن ملڪ ڇڏڻ مهل ڊالر کڻي وڃڻ جي به ترديد ڪئي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.