جناح اسپتال ۾ مريض عورت 16 ڪلاڪن کان طبي معائني لاءِ دربدر

ڪراچي ( رپورٽر) جناح اسپتال ڪراچي ۾ عورت 16 ڪلاڪن کان ميڊيڪل چيڪ اپ لاءِ دربدر، ليڊي ايم ايل او جو انڪار، وارثن پاران ميڊيا تي دانهڻ بعد انتظاميا ۾ ٿرٿلو مچي ويو، اختيارين طرفان ليڊي ايم ايل او کان پڇاڻو، ڪورنگي جي ليبر ڪالوني ۾ عورت عليشا کي سندس مڙس جي پڦين تشدد جو نشانو بڻايو، جنهن سبب سندس حمل ضايع ٿي ويو، متاثر عورت کي ميڊيڪل لاءِ سندس والدين جناح اسپتال وٺي آيا پر سڄي رات ليڊي ايم ايل او نه آئي، ٻئي ڏينهن تي جيڪا ليڊي ايم ايل او آئي، ان به ميڊيڪل کان انڪار ڪري ڇڏيو، عليشا جي والد نعيم چيو ته ڌيءَ کي رات جناح اسپتال آندو پر سڄي رات ليڊي ايم ايل او غائب رھي، ڏينھن جو ساڍا 12 وڳي ٻي ليڊي ايم ايل او ڊيوٽي تي پھتي ته ان به رپورٽ ٺاھڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، هن چيو ته رات کان دربدر آھيون، ڪير ٻڌڻ لاء تيار ئي ناھي، ٿاڻي وارا اسپتال ۽ اسپتال وارا ٿاڻي موڪلين ٿا، ھڪ ته اسان سان ظلم ٿيو، ليڊي ايم ايل او به دربدر ڪري رھي آھي، ليڊي ايم ايل او جو چوڻ هو ته ھي رات جو ڪيس آ، آئون نه ڏسنديس، متاثر عورت وٽ ٿاڻي جو ليٽر به ناھي، اهڙي خبرن ميڊيا تي هلڻ بعد ايڊيشنل پوليس سرجن ڊاڪٽر سمعيه نوٽيس ورتو، هن چيو ته مون معاملي جو نوٽيس ورتو آهي، متاثر  عورت کي واپس گھرائڻ لاءِ رابطو ڪيو ويو آهي، سندس ميڊيڪل چيڪ اپ ڪيو ويندو، ليڊي ايم ايل او کي پابند بڻايو آهي ۽ هوءَ متاثر عورت جو انتظار ڪري رهي آهي، ٻئي پاسي پوليس جي اعليٰ اختيارين به نوٽيس ورتو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.