ڪراچي ۾ سماجي ڪارڪن جي گهر تي چڙهائي، تلاشي، تشدد

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ سياسي سماجي ڪارڪن طارق خاصخيلي جي گهر تي چڙهائي، گهرڀاتين تي تشدد ڪري گهر جي تلاشي ورتي وئي، ذريعن موجب گذريل اربع واري رات ديرسان ڪراچي جي علائقي چنيسر ڳوٺ ۾ سادا ڪپڙا پاتل اهلڪارن سياسي سماجي اڳواڻ طارق خاصخيلي جي گهر تي ٻيهر چڙهائي ڪري گهرڀاتين کي مارڪٽ ڪري گهر جي تلاشي ورتي ان حوالي سان طارق خاصخيلي ٻڌايو ته  گذريل اربع واري رات دير سان چنيسر ڳوٺ ۾ واقع سندس گهر ۾ سادا ڪپڙا پاتل ۽ نقاپ پوش اھلڪارن جي چڙھائي عورتن سان بدتمزي ۽ مارڪٽ ڪئي جڏهن ته منھنجي معصوم پٽن کي هيسايو ۽ گھر جي تلاشي پڻ ورتي هن چيو ته اهلڪارن  چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪيو جيڪو مذمت جوڳو عمل آھي منھنجو ڪنھن به غير قانوني عمل سان ڪنهن به قسم جو ڪو واسطو ناھي آئون ھڪ سياسي سماجي ڪارڪن آھيان مون سميت منھنجي دوستن  کي پنھنجي حقن جي ڳالھه ڪرڻ غريبن جي مدد ڪرڻ ۽ مزدورن جي حقن لا آواز اٿارڻ جي ڏوھ ۾ سزا ڏني پئي وڃي هن چيو ته ان کان اڳ به اهلڪارن گهر مان کنڀي گم ڪيو هو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.