افغانستان ۾ تبديلي حقيقت، نئين حڪومت جو جائزو وٺون پيا: شاهه محمود

اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيچيو آهي ته افغانستان ۾ تبديلي هڪ حقيقت آهي، اسان افغان عوام سان گڏ آهيون، افغانستان جا مسئلا افغان عوام کي ئي حل ڪرڻ گهرجن.پاڪستان جي دعوت تي افغان مسئلي تي پاڙيسري ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جو ورچوئل اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چين، ايران، تاجڪستان، ترڪمانستان، ازبڪستان جا پرڏيهي وزير شريڪ ٿيا، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي اقتصادي صورتحال بهتر بڻائڻ جي لاءِ عالمي برادري کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڪير به افغان سيڪيورٽي فورسز جي پوئتي هٽڻ ۽ حڪومت جي خاتمي سميت افغانستان ۾ تازي تبديلي جي اڳڪٿي نه ڪري سگهيو پر سمورا گذريل جائزا ۽ اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون.سندس چوڻ هو ته طالبان عبوري ڪابينا جو اعلان ڪيو آهي، افغانستان ۾ ٿيندڙ تبديلين جو جائزو وٺي رهيا آهيون، افغانستان ۾ تبديلي هڪ حقيقت آهي، صورتحال ڏکي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.