شهبازسان گڏ آهيون، پاڪستان افغانستان تي فيصلا نه مڙهي: مريم نواز

اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت عوام کي ڊليور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، ملڪ ۾ تبديلي ضرور ايندي ۽ ڪوڙي تبديلي مان عوام جي جان ڇُٽندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز ايون فيلڊ ريفرنس جي حوالي سان چيو ته اپيل رڳو انتقام تي ٻڌل آهي، منهنجي ڪيس جا دليل مضبوط آهن شهباز شريف ن ليگ طرفان وزات عظميٰ جو اميدوار هوندو يا نه؟ ان سوال تي هن جواب ڏيندي چيو ته ڪهڙي تڪڙ آهي، توهان پ پ يا ٻي ڪنهن جماعت کان ته اميدوار ناهي پڇيو، شهباز شريف پارٽي صدر آهي ۽ اسان سڀ ان جي پويان بيٺا آهيون، ن ليگ ۽ ميان صاحب شهباز شريف کي وزارت عظميٰ لاءِ نامزد ڪندو ته ان کي سپورٽ ڪنداسين.هڪ صحافي طرفان پ پ بابت پڇيل سوال تي مريم نواز چيو ته توهان وٽ پ پ کان سواءِ ٻيو ڪو سوال آهي؟افغانستان جي صورتحال تي سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي افغان شهرين جي مرضي ۽ انهن جي فيصلي کي تسليم ڪرڻ گهرجي ۽ پاڪستان کي انهن تي پنهنجي مرضيءَ جا فيصلا نه مڙهڻ گهرجن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.