چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس اڄ ٿيندو

لاهور(م ڊ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي سربراهيءَ ۾ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس (اڄ) خميس ڏينهن ٿيندو، جنهن ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عائشه اي ملڪ کي سپريم ڪورٽ جو جج مقرر ڪرڻ جي حوالي سان معاملو غور هيٺ ايندو، اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين ججن جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس مقبول باقر، جسٽس طارق مسعود شرڪت ڪندا، جڏهن ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پرڏيهه هئڻ سبب شرڪت نه ڪري سگهندو، اٽارني جنرل، پاڪستان بار ڪائونسل جا نمائندا پڻ ميمبر ڪميشن طور شريڪ ٿيندا، سپريم ڪورٽ ۾ مقرريءَ جي صورت ۾ جسٽس عائشه اي ملڪ سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج هوندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.