پاور ڪمپنيون عوام کي ڦري رهيون آهن: شيري رحمان

ڪراچي ( رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاور ڪمپنيون هيرا ڦيري ڪري عوام کان ڪروڙين رپيالُٽي رهيون آهن، ڪير به پڇڻ وارو ناهي، هن چيو ته نيپرا ۽ حڪومت جي ملي ڀڳت سان عوام جي کيسن تي ڌاڙا هنيا پيا وڃن، جڏهن ته بجلي جي بلن ۾ قانوني هيرا ڦيري تي نيپرا ۽ حڪومت جي خاموشي مذمت جوڳو عمل آهي، شري رحمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته نيپرا پنهنجي ئي ٺاهيل قائدن ۽ ضابطن تي به عمل ڪرائڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، غريبن کي بجلي جي مد ۾ ڏنل سبسڊي به پاور ڪمپنيون ڦري رهيون آهن، هن چيو ته پاور ڪمپنين طرفان نيپرا قانونن جي خلاف ورزي جي مذمت ڪجي ٿي ۽ عوام کي اهڙي طريقي سان ڦرڻ نه ڏنو ويندو،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.