چين پاران طالبان حڪومت جي حمايت، آمريڪا،يورپي يونين جو انڪار

بيجنگ/واشنگٽن/برسلز (م ڊ) چين امارات اسلاميه افغانستان ۾ طالبان طرفان عارضي حڪومت قائم ڪرڻ جي تعريف ڪندي چيو آهي ته اسان نئين حڪومت سان هر ممڪن سهڪار ڪنداسين.پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وانگ وينبن چيو ته افغانستان جي آزادي، علائقائي سلامتي ۽ خود مختياري جو احترام ڪيون ٿا ۽ نئين حڪومت سان رابطا رکڻ لاءِ تيار آهيون.هن چيو ته افغانستان ۾ امن ۽ نئين سر تعمير لاءِ عبوري حڪومت قائم ڪرڻ هڪ ضروري قدم آهي، جنهن جي تعريف ڪرڻ گهرجي.ترجمان ان اميد جو اظهار به ڪيو ته افغانستان جي عبوري حڪومت سڀني نسلن ۽ گروهن جي ماڻهن جون ڳالهيون ٻڌندي،چين 3 ڪروڙ ڊالر امداد جو به اعلان ڪيو،  هوڏانهن ترڪي چيو آهي ته طالبان حڪومت تسليم ڪرڻ جي ڪا به تڪڙ ناهي، ٻئي پاسي افغانستان ۾ طالبان مخالف قوتن عالمي برداري تي زور ڀريو آهي ته طالبان جي اعلان ڪيل نئين حڪومت کي تسليم نه ڪن، هن چيو ته طالبان ۽ ان جي ساٿين جي رڳو مردن تي مشتمل ڪابينا” غيرقانوني“ آهي، قطر چيو آهي ته طالبان عمليت پسندي جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ انهن کي افغانستان جي غيرتڪراري حڪمرانن طور انهن جي قدمن سان جانچيو وڃي، آمريڪا طالبان جي عبوري حڪومت ۾ ڪجهه ماڻهن جي شموليت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، آمريڪي صدر چيو ته چين کي طالبان سان ڪجهه اهم مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ان جي باوجود اهو طالبان سان ڪجه انتظام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو،جئين پاڪستان، روس ۽ ايران ڪندا آهن،  واشنگٽن کي خدشا آهن ته چين طالبان سان ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سهڪار جي آڇ سان پنهنجو اثررسوخ وڌائڻ جي  ڪوشش ڪري سگهي ٿو، آمريڪا طالبان جي حڪومت کي تسليم نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، هوڏانهن يورپي يونين طالبان جي اعلانيل عبوري حڪومت تي خدشن جو اظهار ڪندي چيوآهي ته افغانستان ۾ طالبان جي نئين حڪومت جامع ناهي، مختلف گروپن جي نمائندگي جو واعدو پورو ڪرڻ ۾ ناڪام آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.