سنڌ ۾ منشيات فروشي ۾ ملوث پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي گرفتاري جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه منشيات بابت پوليس جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪندي چيو آهي ته پوليس کي گهرجي ته پنهنجي صفن مان ڪارين رڍن کي ڪڍي ٻاهر ڪري ۽ منشيات وڪرو ڪندڙن جي سهولتڪارن تي سخت نظر رکندي انهن کي آخري انجام تائين پهچائي، هن اها ڳالهه  ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ امن امان بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي، ان موقعي تي وقتي چيف سيڪريٽري قاضي شاهد پرويز، آءِ جي پوليس مشتاق مهر، پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ايڊيشنل آءِ جي سي ٽي ڊي غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي عمران منهاس، ڊي آءِ جيز ثاقب ميمڻ، رياض اڪبر، پير محمد شاهه، نعمان صديقي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي،  وڏي وزير چيو ته غلط ڪمن ۾ ملوث پوليس اهلڪارن جي هڪ فهرست تيار ڪري انهن کي گرفتار ڪيو وڃي، اجلاس ۾ بريفنگ ۾ٻڌايو ويو ته اقليتن خلاف پنج ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جنهن ۾ چار ڪراچي اوڀر ۽ هڪ سکر ۾ ٿيو آهي، عورتن خلاف ڏوهن جا 22 ڪيس پيٽرول / ڊيزل جا 198 ڪيس ھئا جن ۾ 75 حيدرآباد، 57 شھيد بينظير آباد، 31 سکر، 4 ڪراچي اوڀر ۽ 2 ڪراچي ڏکڻ ۾ رپورٽ ٿيا،  بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته منشيات جا 798 ڪيس آهن جن ۾ 132 ڪراچي ڏکڻ ، 119 اوڀر، 141 اولهه، 145 حيدرآباد، 54 ميرپورخاص رپورٽ ڪيا ويا آهن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.