سنڌ ۾ ٻيلا ختم ڪرڻ لاءِ لشڪر بيٺل آهي، سرڪاري محافظ ئي قبضا خور آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سکر (رپورٽ:شفيع ابڙو) سنڌ جي ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ داخل درخواستن جي ٻڌڻي اربع ڏينهن ٿي، جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس امجد علي سهتو تي ٻڌل ڊبل بئنچ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ چيف ڪنزرويٽر سنڌ عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ٻڌڻي دوران سنڌ ۾ ٻيلن جي واڍي تي سخت ڪاوڙ ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، عدالت رمارڪس ڏنا ته اها بدقسمتي آهي ته ٻيلن کي بچائڻ لاءِ فقط ٻه ماڻهو بيٺل آهن جڏهن ته ٻيلن کي ختم ڪرائڻ لاءِ لشڪر بيٺل آهي، جسٽس امجد علي سهتو ريماڪس ڏنا ته سنڌ ۾ ٻيلا مڪمل طور تباھ ڪيا ويا آھن، ٻيلن جي وڍجڻ ڪري ماحول خراب ٿي رهيو آهي ۽ برساتون نه ٿيون ٿين، جسٽس محمد ظفر راجپوت ريماڪس ڏنا ته ٻيلي کاتي جي 28 لک ايڪڙ زمين جي ڇا پوزيشن آهي ڪو ٻڌائڻ وارو ناهي ، سنڌودرياھ ۾ 2 هزار ايڪڙ تي مشتمل ڍنڍون  ختم ڪري انهن  تي به قبضو ڪيو ويو آهي، هزارين پکي سائبيريا کان هن ڍنڍ تي ايندا هئا، چيف ڪنزرويٽر عدالت کي ٻڌايو ته ان تان قبضو ختم ٿي ويو آھي،عدالت چيف ڪنزرويٽر کان پڇاڻو ڪيو ته قبضو ڪندڙن خلاف ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن، عدالت جي سوال جو چيف ڪنزرويٽر جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن بعد عدالت فوري طور ڊي جي نيب کي طلب ڪري ورتو ۽ حڪم ڏنو ته  نيب قبضو ڪندڙن خلاف انڪوائري ڪري نيب ڇو خاموش آهي، سياسي ماڻهن خلاف جلد ڪارروائي ڪئي ٿي وڃي معاملو ڪنهن جي خلاف جاچ کان اڳ ئي ڊيل ٿي وڃي ٿي قابض ايترا بااثر آهن جو انهن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، عدالت ريماڪس ڏنا ته بدقسمتي سان چوڻو ٿو پوي ته اڳوڻي چيف ڪنزرويٽر ٻيلي کاتي جي زمينن تي قبضو ڪيو آھي ۽ ڪيلي جا باغ لڳايا آهن ، عدالت افسوس ڪندي چيو ته اسان وٽ ته سرڪاري محافظ ئي قبضا خور آهن، ايڊووڪيٽ جنرل  سنڌ عدالت کي استدعا ڪئي ته اسان کي اجازت ڏني وڃي ته جيڪي پاليسيون ٺهيل آهن انهن تي عمل ڪرايون جنهن تي عدالت ريماڪس ڏنا ته توھان جون پاليسيون مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويون آھن جيڪڏھن توھان قبضن  کي ختم ڪرڻ چاھيو ٿا ، ته نئون ايڪٽ آڻيو توھان جي حڪومت  آھي، موجوده ايڪٽ تحت اسان ڪيئن اجازت ڏينداسين ته توهان ماڻهن کي ٻيهر  زمينون واپس ڏيو ۽ ٻيلا ختم ڪريو ٻيلن  کي بچايو ٻيلا هر جاندار شيءِ لاءِ اهم آهن جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 12 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.