طاقتور ڌريون ميڊيا اٿارٽي بل آڻڻ چاهين ٿيون(جاويد لطيف) واٽس ايپ گروپن تي جعلي آرڊيننس آهي: فواد

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي ايم اين اي ۽ قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ميان جاويد لطيف چيو آهي ته قومي اسيمبلي اجلاس دوران ٻن وفاقي وزيرن مخالف ڌر ميمبرن سان ڳالهين ۾ قسم کڻي چيو آهي ته ميڊيا اٿارٽي جو بل حڪومت نه پئي آڻي بلڪه طاقتور حلقا اهو بل آڻڻ لاءِ بضد آهن، صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ففٿ جنريشن وار ۽ فيڪ نيوز جي اوٽ ۾ ان بل ذريعي آزاد صحات تي پابندي مڙهي پئي وڃي، اڃا ته بل به ناهي آيو ان جي باوجود صحافين جي اغوا، انهن تي حملن ۽ ڪيسن جو سلسلو شروع ٿي يوو، جيڪڏهن اهو بل منظور ٿي ويو ته پوءِ تصور ڪريو ته صحافين تي ڪهڙي قسم جون پابنديون مڙهي سگهجن ٿيون، هن چيو ته آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهندي ڪم ڪندڙ ادارن کي ميڊيا مان ڪو به خطرو نه هئڻ گهرجي، اسان جي ويڙهه ڪنهن اداري سان نه بلڪه آئين ۽ قانون جي بالادستي جي آهي، هن ڪنهن اداري جو نالو کڻڻ کان بغير چيو ته مڃيو ته توهان بٽڻ دٻائڻ سان حڪومتون ٺاهيو ۽ ٽوڙيو ٿا پر بٽڻ دٻائڻ سان پابنديون نٿيون لڳي سگهن، هن چيو ته ميڊيا اٿارٽي بل ڪنهن به صورت ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽي مان منظور ٿيڻ نه ڏنو ويندو هوڏانهن وفاقي وزير اطلاعات فواد چوڌري بي بي سي پاران رابطي تي چيو ته بدقسمتي سان جاويد لطيف جهڙا ماڻهو اسيمبلين ۾ اچي وڃن ٿا، ڪوڙيون خبرون روڪڻ هر صورت ۾ ضروري اهن، جڏهن ته هم نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته واٽس ايپ گروپ تي هڪ ڪوڙو آرڊيننس هلايو ويو آهي، صحافين کي اڃا به چئون ٿا ته مشاورت ڪريو، سوشل ميڊيا تي 90 سيڪڙو خبرون ڪوڙيون هلن ٿيون،هوڏانهن وڪيل تنظيمن ميڊيا اٿارٽي بل خلاف صحافين جي احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جواعلان ڪري ڇڏيو، وائيس چيئرمين پاڪستان بار ڪائونسل چيو ته حڪومت صحافين ۽ وڪيلن کان ڊنل آهي، وڪيل اڳواڻن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته اسان ڪنهن شخصيت يا اداري خلاف ناهيون، سپريم ڪورٽ بار جي صدر لطيف آفريدي چيو ته  صحافين سان گڏ آهيون، صحافي اڳواڻن اڄ سپريم ڪورٽ ۾ وڪيلن جي احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جواعلان ڪيو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.