نوابشاهه ۾ 22 ارب رهتن لاءِ شگرملن خلاف ڌرڻو، پوليس سان چڪريون، آبادگار بيهوش

نوابشاهه (رپورٽ : اڪرم چانڊيو) ضلعي جي غريب آباد گارن جا 22 ارب روپيا رهتون ڏيو حبيب شوگر ملز آبادگارن جا ساڍا 6 ارب روپيا رهتون فوري ادا ڪيو، سوين آباد گارن جو حبيب شوگر ملز گيٽ ٻاھران نٽھڻ اُس ۾ ڌرڻو، ضلعي صدر عطاءُ الله انڙ شديد گرمي سبب بيھوش اسپتال ڀيڙو، ايس ايڇ او جون آبادگارن سان جھڙپون مطالبا مڃڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان، سنڌ گروئرس آرگنائيزيشن جي سڏ تي ضلعي شھيد بينظير آباد سانگھڙ ۽ نوشھرو فيروز جي سوين آبادگارن ھارين سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پاران آبادگارن کي ڪوالٽي پريميم ۽ بقايا جي مد ۾ 22 ارب روپين کان وڌيڪ رهتون ضلعي جي چئن شوگر ملن کان نه ملڻ خلاف آبادگار اڳواڻ رضا محمد چانڊيو، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پ پ ضلعي اڳواڻ علي نواز چانڊيو، سماجي ۽ قومپرست اڳواڻ پنھل ساريو، جسقم سينئر اڳواڻ سرفراز ميمڻ، صوفي راڳي مانجھي فقير، محمد اسحاق چانڊيو، محمد صديق منگيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ حبيب شوگر مل جي گيٽ آڏو احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو جتي جسقم جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڳالھائيندي چيو ته ھاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود شرگر ملز انتظاميه آبادگارن کي ڪوالٽي پريميم نه ڏئي معاشي قتل ڪري رھيون آھن، ھن چيو ته سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي جنھن سان سنڌ ۾ لکين ھاري ۽ آبادگار بک ۽ بيروزگاري جي ور چڙهندا. ھن چيو ته فوري طور تي ملز انتظاميه ڪوالٽي پريميم جي رقم ادا ڪري، سنڌ گروئرس آرگنائيزيشن جي صوبائي صدر رضا محمد چانڊيو ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ۽ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود ضلعي شھيد بينظير آباد جون چار شوگر ملون جنھن ۾ حبيب شوگر مل، النور شوگر مل، ٻانڌي شوگر مل ۽ سڪرنڊ شوگر مل آبادگارن جا 22 ارب ڪوالٽي پريميم جا پيسا ڏيڻ لاءِ تيار ناھن جنھن جي ڪري اسان 20 سالن کان وٺي سراپا احتجاج بڻيل آھيون ھن چيو ته اسان جا ھي پرامن احتجاج ان لاءِ آھن ته آبادگارن کي پنھنجي جائز رقم ملي سگھي ھن چيو ته جيستائين مل انتظاميا اسان سان ڳالھيون نه ڪندي تيستائين اسان جو ڌرڻو جاري رهندو ۽ اسان سڀني شوگر ملز جي سامھون پنھنجي حقن لاءِ ڌرڻا ھڻنداسين، ھن سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي سڀني شوگر ملن کي پابند ڪري ته ھو آبادگارن جو حق ڏين ٻئي صورت ۾ سڄي سنڌ جا آبادگار روڊن تي ھوندا. انھي موقعي تي سبحان علي مگسي عطاالله انڙ، محمد وارث ڏاھري، محمد ابراھيم ڏاھري، محمد امين راجپر، ڪامريڊ اقبال ۽ ٻيا به موجود ھئا جڏھن ته پوليس طرفان سڪيورٽي سخت ڪئي وئي انھي موقعي تي شديد گرمي ۽ ڪاڙھي سبب آبادگار تنظيم ضلعي نوابشاھ جو صدر عطاءُ الله انڙ بيھوش ٿي ويو، جنھن کي طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏھن ته ملز جي گيٽ ٻاھران بيٺل ايس ايڇ او بي سيڪشن ٿاڻو اقبال وساڻ پاران ھڪ شخص کي موٽرسائيڪل تي ڌرڻي واري ھنڌ تان گذرڻ لاءِ موڪلڻ تي آبادگارن ۽ پوليس وچ ۾ چڪريون ٿي پيون، آبادگارن سندن مطالبا تسليم ڪرڻ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.